نئين عهد نامي

1.ڪرنٿين 11:13-25 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

13. اوھين پاڻھي انصاف ڪري ڏسو. ڀلا اھو ڪو مناسب آھي ڇا تہ عورت مٿي اگھاڙي خدا کان دعا گھري؟

14. ڇا فطرت اوھان کي نہ ٿي سيکاري تہ وڏا وار مرد لاءِ بي⁠عزتيءَ جي شيءِ آھن؟

15. پر ڇا وڏا وار عورت لاءِ شان نہ آھن؟ ڇالاءِ⁠جو وڏا وار کيس پردي جي لاءِ ڏنا ويا آھن.

16. جيڪڏھن ڪو انھيءَ بابت بحث مباحثو ڪرڻ گھري تہ کيس چئجو تہ ”مٿي اگھاڙي عورت جو دعا گھرڻ وارو دستور نہ اسان جو آھي نڪي خدا جي ڪليسيائن جو.“

17. ھيٺين ھدايتن ۾ آءٌ اوھان جي ساراھہ نہ ٿو ڪريان، ڇاڪاڻ⁠تہ اوھان جي گڏ ٿيڻ سان فائدي کان وڌيڪ نقصان ٿو ٿئي.

18. اول تہ مون کي ٻڌڻ ۾ آيو آھي تہ ڪليسيا جي گڏ ٿيڻ وقت اوھان ۾ اڻ⁠بڻت پيدا ٿئي ٿي ۽ انھيءَ ڳالھہ تي مون کي ٿورو گھڻو اعتبار بہ اچي ٿو.

19. اوھان جي وچ ۾ تفرقا ضرور ھوندا تہ جيئن اھو صاف ظاھر ٿئي تہ اوھان مان ڪير سچا آھن.

20. سو اوھين جڏھن بہ پاڻ ۾ گڏجو ٿا تڏھن اوھين جيڪي ڪجھہ کائو ٿا سو خداوند جي يادگيريءَ جي ماني ڪينھي.

21. ڇالاءِ⁠جو جڏھن اوھين کائو ٿا، تڏھن ھر ڪو پنھنجي ماني ٻئي کان اڳ ۾ کايو ٿو وٺي. ھڪڙو بکايل رھجي وڃي ٿو تہ ٻيو نشي ۾ چور ٿيو پوي.

22. ڇا کائڻ پيئڻ لاءِ اوھان کي پنھنجا گھر ڪونہ آھن؟ جن کي ڪابہ شيءِ ڪانہ آھي تن کي شرمندو ڪري ڪليسيا کي ڇو ٿا حقير سمجھو؟ آءٌ اوھان کي ڇا چوان؟ انھيءَ ڪري آءٌ اوھان جي ساراھہ ڪريان ڇا؟ يقيناً آءٌ اوھان جي ساراھہ ڪونہ ٿو ڪريان.

23. جيئن تہ ھيءَ ڳالھہ مون کي خداوند کان ملي ۽ مون اھا اوھان تائين بہ پھچائي تہ جنھن رات خداوند عيسيٰ کي گرفتار ڪرايو ويو تنھن رات ھن ماني کنئي.

24. پوءِ شڪرانو ادا ڪري ھن ماني ڀڃي چيو تہ ”ھي منھنجو بدن آھي، جيڪو اوھان جي واسطي آھي. منھنجي يادگيريءَ لاءِ ائين ڪندا رھجو.“

25. اھڙيءَ طرح ھن کائڻ کان پوءِ پيالو بہ ورتو ۽ چيائين تہ ”ھيءُ پيالو اھو نئون عھد آھي جيڪو منھنجي رت جي وسيلي ڪيو ويو آھي. جڏھن بہ اھو پيئو تہ منھنجي يادگيريءَ لاءِ ائين ڪندا رھجو.“

مڪمل باب پڙهڻ 1.ڪرنٿين 11