نئين عهد نامي

1.ڪرنٿين 1:13-26 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

13. مسيح ورھائجي ويو آھي ڇا؟ ڇا پولس کي اوھان جي لاءِ صليب تي چاڙھي ماريو ويو؟ يا اوھان پولس جي نالي تي بپتسما ورتي ھئي ڇا؟

14. آءٌ خدا جو شڪر ٿو ڪريان تہ مون اوھان مان سواءِ ڪرسپس ۽ گيُس جي ٻئي ڪنھن کي بہ بپتسما نہ ڏني آھي.

15. سو ڪوبہ چئي نہ ٿو سگھي تہ کيس منھنجي نالي تي بپتسما ڏني ويئي ھئي.

16. ھا، مون استفناس ۽ سندس گھراڻي کي بہ بپتسما ڏني آھي. پر انھن کان سواءِ مون کي نہ ٿو سُجھي تہ ڪنھن ٻئي کي بپتسما ڏني ھجي.

17. ڇالاءِ⁠جو مسيح مون کي بپتسما ڏيڻ لاءِ نہ پر خوشخبري ٻڌائڻ لاءِ موڪليو آھي ۽ اھا بہ ڏاھپ جي لفظن سان نہ، متان مسيح جو صليب تي چڙھي جان ڏيڻ بي⁠اثر ٿئي.

18. سو جيڪي برباد ٿي رھيا آھن، تن لاءِ صليب جو پيغام بي⁠وقوفي آھي. پر اسين جيڪي ڇوٽڪارو حاصل ڪري رھيا آھيون، تن لاءِ اھو خدا جي قدرت آھي.

19. ڇالاءِ⁠جو لکيل آھي تہ”آءٌ ڏاھن جي ڏاھپ بيڪار ڪندس۽ عالمن جو علم رد ڪندس.“

20. ڪٿي آھن ڏاھا؟ ڪٿي آھن شريعت جا عالم؟ ڪٿي آھن ھن زماني جا بحث ڪندڙ؟ ڇا خدا نہ ڏيکاريو آھي تہ جھان جي ڏاھپ بي⁠وقوفي آھي؟

21. ڇالاءِ⁠جو خدا پنھنجي ڏاھپ سان ماڻھن لاءِ اھو ناممڪن بڻائي ڇڏيو تہ ھو پنھنجي ذاتي ڏاھپ سان کيس سڃاڻين. تنھنڪري خدا جي مرضي ٿي تہ ھو انھن کي بچائي جيڪي اسان جي پيغام تي ايمان آڻين، جيتوڻيڪ اھو پيغام دنيا جي نظر ۾ بي⁠وقوفي آھي.

22. يھودي تہ ثابتيءَ لاءِ معجزا گھرندا آھن ۽ يونان وارا ڏاھپ جا ڳولائو ھوندا آھن.

23. پر اسين مسيح جو پيغام ٿا ڏيون، جنھن کي صليب تي چاڙھيو ويو، جيڪو يھودين جي نظر ۾ ڪراھت جھڙو ۽ غير قومن جي نظر ۾ بي⁠وقوفي آھي.

24. پر جيڪي خدا جا چونڊيل آھن، توڙي جو يھودي ھجن يا يوناني، تن لاءِ مسيح خدا جي قدرت ۽ خدا جي ڏاھپ آھي.

25. ڇالاءِ⁠جو جيڪا خدا جي بي⁠وقوفي ڀانئجي ٿي، سا ماڻھن جي ڏاھپ کان وڌيڪ آھي ۽ جيڪا خدا جي ڪمزوري ليکجي ٿي، سا ماڻھن جي طاقت کان وڌيڪ آھي.

26. ھاڻي اي ڀائرو ۽ ڀينرون! ياد ڪريو تہ انھيءَ وقت اوھين ڇا ھئا، جڏھن خدا اوھان کي چونڊيو. ماڻھن جي نظر ۾ تہ اوھان مان ڪي ٿورا ڏاھا، ٿورا طاقتور ۽ ٿورا اميرزادا ھئا.

مڪمل باب پڙهڻ 1.ڪرنٿين 1