بابن

  1. 1
  2. 2
  3. 3
  4. 4
  5. 5
  6. 6
  7. 7
  8. 8
  9. 9
  10. 10
  11. 11
  12. 12
  13. 13
  14. 14
  15. 15
  16. 16

نئين عهد نامي

1.ڪرنٿين 1 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

1. ھيءُ خط مون پولس ۽ اسان جي ڀاءُ سوسٿنيس جي طرفان آھي. مون کي خدا جي مرضيءَ موجب عيسيٰ مسيح جو رسول ڪري چونڊيو ويو.

2. ھي ڪرنٿس شھر ۾ خدا جي ڪليسيا ڏانھن موڪلجي ٿو، يعني انھن ماڻھن ڏانھن جيڪي عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري پاڪ ڪيا ويا آھن ۽ خدا جا ماڻھو ڪري چونڊيا ويا آھن. ھي انھن سڀني جي نالي پڻ لکجي ٿو جيڪي ھر ھنڌ خداوند عيسيٰ مسيح جو نالو وٺن ٿا، جيڪو انھن جو ۽ اسان جو خداوند آھي.

3. شل اوھان تي اسان جي پيءُ خدا ۽ خداوند عيسيٰ مسيح جي طرفان فضل ۽ سلامتي ھجي.

مسيح جي وسيلي برڪتون

4. آءٌ اوھان لاءِ ھميشہ خدا جو شڪر ڪندو رھان ٿو، ڇالاءِ⁠جو ھن عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري اوھان تي فضل ڪيو آھي،

5. جو اوھين ساڻس گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري ھر طرح جي ڪلام ڪرڻ ۽ علم جي لحاظ کان دولتمند ٿي ويا آھيو.

6. تنھنڪري مسيح جي شاھدي اوھان ۾ قائم ٿي آھي،

7. ايتري تائين جو جيستائين اوھين اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي ظاھر ٿيڻ جا منتظر آھيو، اوھان ۾ ڪنھن بہ روحاني نعمت جي ڪمي ڪانہ ٿيندي.

8. خدا اوھان کي پڇاڙيءَ تائين قائم بہ رکندو، انھيءَ لاءِ تہ جيئن اوھين اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي ڏينھن بي⁠داغ ٺھرايا وڃو.

9. خدا سچو آھي، جنھن پنھنجي فرزند، اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي صحبت لاءِ اوھان کي چونڊيو آھي.

ڀائرن ۾ اڻ⁠بڻت

10. اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اوھان کي اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي نالي منٿ ٿو ڪريان تہ اوھين سڀيئي پاڻ ۾ يڪ راءِ ٿيو، تہ جيئن اوھان ۾ ڪابہ اڻ⁠بڻت پيدا نہ ٿئي. اوھين يڪ دل ۽ يڪ راءِ ٿي پاڻ ۾ مڪمل ٻڌي ڪريو.

11. جڏھن تہ ڪلوئيءَ جي گھر وارن مون کي ٻڌايو آھي تہ اوھان ڀائرن ۽ ڀينرن جا ھڪ ٻئي سان ڪافي جھيڙا جھڳڙا آھن.

12. منھنجي چوڻ جو مطلب ھي آھي تہ اوھان مان ڪو چوي ٿو تہ ”آءٌ پولس جو آھيان،“ ڪو چوي ٿو تہ ”آءٌ اپلوس جو آھيان،“ ڪو چوي ٿو تہ ”آءٌ پطرس جو آھيان“ ۽ ڪو چوي ٿو تہ ”آءٌ مسيح جو آھيان.“

13. مسيح ورھائجي ويو آھي ڇا؟ ڇا پولس کي اوھان جي لاءِ صليب تي چاڙھي ماريو ويو؟ يا اوھان پولس جي نالي تي بپتسما ورتي ھئي ڇا؟

14. آءٌ خدا جو شڪر ٿو ڪريان تہ مون اوھان مان سواءِ ڪرسپس ۽ گيُس جي ٻئي ڪنھن کي بہ بپتسما نہ ڏني آھي.

15. سو ڪوبہ چئي نہ ٿو سگھي تہ کيس منھنجي نالي تي بپتسما ڏني ويئي ھئي.

16. ھا، مون استفناس ۽ سندس گھراڻي کي بہ بپتسما ڏني آھي. پر انھن کان سواءِ مون کي نہ ٿو سُجھي تہ ڪنھن ٻئي کي بپتسما ڏني ھجي.

17. ڇالاءِ⁠جو مسيح مون کي بپتسما ڏيڻ لاءِ نہ پر خوشخبري ٻڌائڻ لاءِ موڪليو آھي ۽ اھا بہ ڏاھپ جي لفظن سان نہ، متان مسيح جو صليب تي چڙھي جان ڏيڻ بي⁠اثر ٿئي.

مسيح، خدا جي قدرت ۽ ڏاھپ

18. سو جيڪي برباد ٿي رھيا آھن، تن لاءِ صليب جو پيغام بي⁠وقوفي آھي. پر اسين جيڪي ڇوٽڪارو حاصل ڪري رھيا آھيون، تن لاءِ اھو خدا جي قدرت آھي.

19. ڇالاءِ⁠جو لکيل آھي تہ”آءٌ ڏاھن جي ڏاھپ بيڪار ڪندس۽ عالمن جو علم رد ڪندس.“

20. ڪٿي آھن ڏاھا؟ ڪٿي آھن شريعت جا عالم؟ ڪٿي آھن ھن زماني جا بحث ڪندڙ؟ ڇا خدا نہ ڏيکاريو آھي تہ جھان جي ڏاھپ بي⁠وقوفي آھي؟

21. ڇالاءِ⁠جو خدا پنھنجي ڏاھپ سان ماڻھن لاءِ اھو ناممڪن بڻائي ڇڏيو تہ ھو پنھنجي ذاتي ڏاھپ سان کيس سڃاڻين. تنھنڪري خدا جي مرضي ٿي تہ ھو انھن کي بچائي جيڪي اسان جي پيغام تي ايمان آڻين، جيتوڻيڪ اھو پيغام دنيا جي نظر ۾ بي⁠وقوفي آھي.

22. يھودي تہ ثابتيءَ لاءِ معجزا گھرندا آھن ۽ يونان وارا ڏاھپ جا ڳولائو ھوندا آھن.

23. پر اسين مسيح جو پيغام ٿا ڏيون، جنھن کي صليب تي چاڙھيو ويو، جيڪو يھودين جي نظر ۾ ڪراھت جھڙو ۽ غير قومن جي نظر ۾ بي⁠وقوفي آھي.

24. پر جيڪي خدا جا چونڊيل آھن، توڙي جو يھودي ھجن يا يوناني، تن لاءِ مسيح خدا جي قدرت ۽ خدا جي ڏاھپ آھي.

25. ڇالاءِ⁠جو جيڪا خدا جي بي⁠وقوفي ڀانئجي ٿي، سا ماڻھن جي ڏاھپ کان وڌيڪ آھي ۽ جيڪا خدا جي ڪمزوري ليکجي ٿي، سا ماڻھن جي طاقت کان وڌيڪ آھي.

26. ھاڻي اي ڀائرو ۽ ڀينرون! ياد ڪريو تہ انھيءَ وقت اوھين ڇا ھئا، جڏھن خدا اوھان کي چونڊيو. ماڻھن جي نظر ۾ تہ اوھان مان ڪي ٿورا ڏاھا، ٿورا طاقتور ۽ ٿورا اميرزادا ھئا.

27. پر خدا انھن کي چونڊيو جن کي جھان بي⁠وقوف ٿي سمجھيو، انھيءَ لاءِ تہ ڏاھن کي شرمندو ڪري. خدا انھن کي چونڊيو جن کي جھان ڪمزوري ٿي سمجھيو، انھيءَ لاءِ تہ طاقتورن کي شرمندو ڪري.

28. خدا انھن کي چونڊيو جن کي جھان خسيس، حقير بلڪ ڪجھہ بہ نہ ٿي سمجھيو، انھيءَ لاءِ تہ خدا انھن کي ناس ڪري جن کي ماڻھو ڪا شيءِ سمجھن ٿا.

29. مطلب تہ ڪوبہ انسان خدا جي آڏو فخر نہ ڪري.

30. پر خدا اوھان کي عيسيٰ مسيح سان گڏي ھڪ ڪري ڇڏيو آھي ۽ کيس اسان لاءِ حڪمت يعني سچائي، پاڪائي ۽ ڇوٽڪارو بڻايو اٿائين.

31. تنھنڪري لکيل آھي تہ”جيڪو فخر ڪرڻ چاھي ٿو،سو خداوند تي فخر ڪري.“