نئين عهد نامي

1.ڪرنٿين 1:1-10 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

1. ھيءُ خط مون پولس ۽ اسان جي ڀاءُ سوسٿنيس جي طرفان آھي. مون کي خدا جي مرضيءَ موجب عيسيٰ مسيح جو رسول ڪري چونڊيو ويو.

2. ھي ڪرنٿس شھر ۾ خدا جي ڪليسيا ڏانھن موڪلجي ٿو، يعني انھن ماڻھن ڏانھن جيڪي عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري پاڪ ڪيا ويا آھن ۽ خدا جا ماڻھو ڪري چونڊيا ويا آھن. ھي انھن سڀني جي نالي پڻ لکجي ٿو جيڪي ھر ھنڌ خداوند عيسيٰ مسيح جو نالو وٺن ٿا، جيڪو انھن جو ۽ اسان جو خداوند آھي.

3. شل اوھان تي اسان جي پيءُ خدا ۽ خداوند عيسيٰ مسيح جي طرفان فضل ۽ سلامتي ھجي.

4. آءٌ اوھان لاءِ ھميشہ خدا جو شڪر ڪندو رھان ٿو، ڇالاءِ⁠جو ھن عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري اوھان تي فضل ڪيو آھي،

5. جو اوھين ساڻس گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري ھر طرح جي ڪلام ڪرڻ ۽ علم جي لحاظ کان دولتمند ٿي ويا آھيو.

6. تنھنڪري مسيح جي شاھدي اوھان ۾ قائم ٿي آھي،

7. ايتري تائين جو جيستائين اوھين اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي ظاھر ٿيڻ جا منتظر آھيو، اوھان ۾ ڪنھن بہ روحاني نعمت جي ڪمي ڪانہ ٿيندي.

8. خدا اوھان کي پڇاڙيءَ تائين قائم بہ رکندو، انھيءَ لاءِ تہ جيئن اوھين اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي ڏينھن بي⁠داغ ٺھرايا وڃو.

9. خدا سچو آھي، جنھن پنھنجي فرزند، اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي صحبت لاءِ اوھان کي چونڊيو آھي.

10. اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اوھان کي اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي نالي منٿ ٿو ڪريان تہ اوھين سڀيئي پاڻ ۾ يڪ راءِ ٿيو، تہ جيئن اوھان ۾ ڪابہ اڻ⁠بڻت پيدا نہ ٿئي. اوھين يڪ دل ۽ يڪ راءِ ٿي پاڻ ۾ مڪمل ٻڌي ڪريو.

مڪمل باب پڙهڻ 1.ڪرنٿين 1