نئين عهد نامي

1.ٿسلونيڪين 2:5-14 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

5. ڇالاءِ⁠جو اوھان کي خبر آھي تہ اسان ڪڏھن بہ خوشامند جي ڳالھہ نہ ڪئي آھي ۽ نہ ڪنھن ڳالھہ کي لالچ جو پردو ڪيو اٿئون. انھيءَ جو خدا شاھد آھي.

6. اسان ماڻھن کان پنھنجي تعريف ڪرائڻ نہ گھري، نہ اوھان کان، نہ ئي ڪنھن ٻئي کان، جيتوڻيڪ اسين مسيح جا رسول ٿي اوھان تي اھڙو بار وجھي ٿي سگھياسين.

7. پر اسين اوھان منجھہ اھڙي نرميءَ سان رھياسين، جھڙيءَ طرح ماءُ پنھنجن ٻارڙن کي پاليندي آھي.

8. انھيءَ طرح اسان کي اوھان سان ايتري محبت ھئي جو نہ رڳو خدا جي خوشخبري ٻڌائڻ لاءِ پر اوھان جي زندگيءَ ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ بہ راضي ھئاسين، ڇاڪاڻ⁠تہ اوھين اسان کي ايڏا پيارا ٿي لڳا.

9. اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوھان کي اسان جي محنت ۽ مشقت ضرور ياد ھوندي، ڇالاءِ⁠جو اسان ڪنھن تي بہ بار نہ ٿيڻ لاءِ رات ڏينھن پورھيو ڪري اوھان کي خدا جي خوشخبري ٻڌائي.

10. اوھين شاھد آھيو ۽ خدا بہ، تہ ڪھڙيءَ طرح اسين اوھان ايمان آڻيندڙن سان پاڪ، سچار ۽ بي⁠عيب ٿي ھلياسين.

11. ڇالاءِ⁠جو اوھين ڄاڻو ٿا تہ جھڙيءَ طرح ڪو پيءُ پنھنجي ٻار سان ھلندو آھي، تھڙيءَ طرح اسين بہ اوھان مان ھر ھڪ سان ھلياسين.

12. اسين اوھان کي ھمتائيندا، دلداري ڏيندا ۽ سمجھائيندا رھياسين تہ اوھين خدا جي لائق زندگي گذاريو، جيڪو اوھان کي پنھنجي بادشاھت ۽ جلال ڏانھن سڏي ٿو.

13. انھيءَ ڪري اسين بہ ھميشہ خدا جو شڪر ٿا ڪريون تہ جڏھن اوھان کي خدا جو پيغام مليو جيڪو اوھان اسان کان ٻڌو، تڏھن اوھان اھو ماڻھن جو ڪلام نہ پر جيئن حقيقت ۾ آھي تيئن خدا جو ڪلام سمجھي قبول ڪيو. اھو ڪلام اوھان ايمان آڻيندڙن تي اثر بہ ڪري ٿو.

14. ڇالاءِ⁠جو اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوھين خدا جي انھن ڪليسيائن جا پوئلڳ ٿيا، جيڪي يھوديہ ۾ عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيل آھن. اوھان بہ پنھنجي ھم⁠وطن ماڻھن کان ساڳيون ئي تڪليفون سٺيون، جھڙيون انھن ڪليسيائن يھودين کان سٺيون ھيون.

مڪمل باب پڙهڻ 1.ٿسلونيڪين 2