بابن

  1. 1
  2. 2
  3. 3
  4. 4
  5. 5

نئين عهد نامي

1.ٿسلونيڪين 2 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

پولس جو خدمت ڪرڻ

1. اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوھين پاڻ ڄاڻو ٿا تہ اسان جو اوھان وٽ اچڻ اجايو ڪين ٿيو.

2. اوھان کي خبر آھي تہ فلپي شھر ۾ ڏکن سھڻ ۽ بي⁠عزت ٿيڻ کان پوءِ بہ خدا اسان کي ھمت ڏني، جو سخت مخالفت جي باوجود اسان اوھان کي سندس خوشخبري ٻڌائي.

3. ڇالاءِ⁠جو اسان جي نصيحت گمراھہ ڪندڙ ناھي، نڪي ناپاڪيءَ يا ٺڳيءَ واري آھي.

4. بلڪ جيئن خدا اسان کي قبول ڪري خوشخبري اسان جي حوالي ڪئي، تيئن ئي اسين بيان ٿا ڪريون. اسين ماڻھن کي نہ پر خدا کي خوش ڪرڻ جي ڪوشش ٿا ڪريون، جيڪو اسان جي دلين کي آزمائي ٿو.

5. ڇالاءِ⁠جو اوھان کي خبر آھي تہ اسان ڪڏھن بہ خوشامند جي ڳالھہ نہ ڪئي آھي ۽ نہ ڪنھن ڳالھہ کي لالچ جو پردو ڪيو اٿئون. انھيءَ جو خدا شاھد آھي.

6. اسان ماڻھن کان پنھنجي تعريف ڪرائڻ نہ گھري، نہ اوھان کان، نہ ئي ڪنھن ٻئي کان، جيتوڻيڪ اسين مسيح جا رسول ٿي اوھان تي اھڙو بار وجھي ٿي سگھياسين.

7. پر اسين اوھان منجھہ اھڙي نرميءَ سان رھياسين، جھڙيءَ طرح ماءُ پنھنجن ٻارڙن کي پاليندي آھي.

8. انھيءَ طرح اسان کي اوھان سان ايتري محبت ھئي جو نہ رڳو خدا جي خوشخبري ٻڌائڻ لاءِ پر اوھان جي زندگيءَ ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ بہ راضي ھئاسين، ڇاڪاڻ⁠تہ اوھين اسان کي ايڏا پيارا ٿي لڳا.

9. اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوھان کي اسان جي محنت ۽ مشقت ضرور ياد ھوندي، ڇالاءِ⁠جو اسان ڪنھن تي بہ بار نہ ٿيڻ لاءِ رات ڏينھن پورھيو ڪري اوھان کي خدا جي خوشخبري ٻڌائي.

10. اوھين شاھد آھيو ۽ خدا بہ، تہ ڪھڙيءَ طرح اسين اوھان ايمان آڻيندڙن سان پاڪ، سچار ۽ بي⁠عيب ٿي ھلياسين.

11. ڇالاءِ⁠جو اوھين ڄاڻو ٿا تہ جھڙيءَ طرح ڪو پيءُ پنھنجي ٻار سان ھلندو آھي، تھڙيءَ طرح اسين بہ اوھان مان ھر ھڪ سان ھلياسين.

12. اسين اوھان کي ھمتائيندا، دلداري ڏيندا ۽ سمجھائيندا رھياسين تہ اوھين خدا جي لائق زندگي گذاريو، جيڪو اوھان کي پنھنجي بادشاھت ۽ جلال ڏانھن سڏي ٿو.

13. انھيءَ ڪري اسين بہ ھميشہ خدا جو شڪر ٿا ڪريون تہ جڏھن اوھان کي خدا جو پيغام مليو جيڪو اوھان اسان کان ٻڌو، تڏھن اوھان اھو ماڻھن جو ڪلام نہ پر جيئن حقيقت ۾ آھي تيئن خدا جو ڪلام سمجھي قبول ڪيو. اھو ڪلام اوھان ايمان آڻيندڙن تي اثر بہ ڪري ٿو.

14. ڇالاءِ⁠جو اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوھين خدا جي انھن ڪليسيائن جا پوئلڳ ٿيا، جيڪي يھوديہ ۾ عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيل آھن. اوھان بہ پنھنجي ھم⁠وطن ماڻھن کان ساڳيون ئي تڪليفون سٺيون، جھڙيون انھن ڪليسيائن يھودين کان سٺيون ھيون.

15. يھودين خداوند عيسيٰ کي توڙي نبين کي ماري وڌو ۽ اسان کي بہ ستائي لوڌي ڪڍيائون. اھي خدا کي نہ ٿا وڻن ۽ سڀني ماڻھن جي خلاف آھن.

16. اھي اسان کي روڪڻ جي ڪوشش ڪن ٿا تہ اسين غير قومن کي سندن ڇوٽڪاري جو ڪلام نہ ٻڌايون. اھڙيءَ طرح اھي پنھنجن گناھن جي گھَڙي کي ھميشہ ڀريندا ٿا رھن. پر نيٺ انھن تي خدا جو ڀرپور غضب اچي ڪڙڪيو آھي.

ٿسلونيڪين سان ملڻ لاءِ پولس جي سڪ

17. اي ڀائرو ۽ ڀينرون! جڏھن اسين ٿوري عرصي جي لاءِ اوھان کان دلي طور نہ پر رڳو جسماني طور جدا ٿياسين، تڏھن ڏاڍي سڪ سان اوھان جي منھن ڏسڻ لاءِ تمام گھڻي ڪوشش ڪئي سون.

18. انھيءَ لاءِ اسان ۽ خاص طور مون پولس، ھڪ کان وڌيڪ دفعا اوھان وٽ اچڻ جي خواھش بہ ڪئي، پر شيطان اسان کي روڪيو.

19. ڀلا، اسان جي اميد، اسان جي خوشي ۽ اسان جي فخر جو تاج ڪير آھي؟ ڇا اسان جي خداوند عيسيٰ جي اڳيان سندس اچڻ وقت اھي اوھين ئي نہ ھوندا؟

20. سچ⁠پچ اوھين ئي اسان جو فخر ۽ خوشي آھيو.