18. اي زالون! پنھنجن مڙسن جي تابعداريءَ ۾ رھو، ڇوتہ خداوند جون ھئڻ ڪري اوھان لاءِ اھو مناسب آھي.
19. اي مڙسؤ! پنھنجين زالن سان محبت رکو ۽ انھن تي سختي نہ ڪريو.
20. اي ٻارؤ! ھر ڳالھہ ۾ پنھنجي ماءُپيءُ جي فرمانبرداري ڪريو، ڇالاءِجو اھا ڳالھہ خداوند کي ڏاڍي پسند آھي.
21. اي پيئرؤ! پنھنجن ٻارن کي ڪڪ نہ ڪريو، متان ھو بيھمت ٿي پون.
22. اي غلامؤ! پنھنجي دنياوي مالڪن جا ھر ڳالھہ ۾ فرمانبردار رھو. ماڻھن کي خوش ڪندڙن وانگر ڏيکاءَ لاءِ نہ، پر صافدليءَ سان ۽ خداوند جو خوف رکندي سندن خدمت ڪريو.
23. جيڪيبہ ڪريو سو دل سان ڪريو، ائين سمجھي تہ خداوند جي لاءِ ٿا ڪريو، نہ ماڻھن جي لاءِ.
24. ڇالاءِجو اوھين ڄاڻو ٿا تہ انھيءَ جي عيوض ۾ اوھان کي خداوند کان ميراث ملندي. اوھين خداوند مسيح جي خدمت ٿا ڪريو.
25. جيڪو برائي ڪري ٿو تنھن کي پنھنجي برائيءَ جو بدلو ملندو، ڇالاءِجو اتي ڪنھن جي بہ طرفداري ڪانہ ٿي ٿئي.