7. ھو چاھين ٿا تہ ماڻھو کين بازارن ۾ سلامي ٿين ۽ کين ’سائين‘ يا ’استاد‘ ڪري سڏين.
8. اوھان کي ’سائين‘ يا ’استاد‘ سڏائڻ نہ کپي، ڇاڪاڻتہ اوھين سڀيئي ھڪٻئي جا ڀائر آھيو ۽ اوھان جو رڳو ھڪ استاد آھي.
9. اوھان کي ھن دنيا ۾ ڪنھن کي بہ پنھنجو پيءُ سڏڻ نہ کپي، ڇاڪاڻتہ اوھان جو ھڪڙو ئي پيءُ آھي جو آسمان ۾ آھي.
10. نہ وري اوھان کي اڳواڻ سڏائڻ کپي، ڇاڪاڻتہ اوھان جو ھڪڙو ئي اڳواڻ آھي يعني مسيح.
11. اوھان ۾ جيڪو سڀني کان وڏو آھي تنھن کي اوھان جو خدمتگار ٿيڻ کپي.
12. جيڪو بہ پاڻ کي وڌ ٿو سمجھي سو گھٽ ڪيو ويندو ۽ جيڪو پاڻ کي گھٽ ٿو ڪري سو وڌايو ويندو.“
15. مصيبت آھي اوھان لاءِ اي شريعت جا عالمو ۽ فريسيو! اي رياڪارو! اوھين ڪنھن ھڪڙي ماڻھوءَ کي پنھنجي دين تي آڻڻ لاءِ خشڪي ۽ سمنڊ تہ لتاڙي ٿا وڃو، پر جڏھن ھو اوھان جي دين تي ٿو اچي تہ پوءِ ھن کي پاڻ کان بہ ٻيڻو جھنمي ٿا بڻايو.
16. مصيبت آھي اوھان لاءِ اي انڌا اڳواڻو! اوھين چئو ٿا تہ ’جيڪڏھن ڪو ھيڪل جو قسم ٿو کڻي تہ اھو ان جو پابند نہ آھي، پر جيڪڏھن ڪو ھيڪل ۾ پيل سون جو قسم ٿو کڻي تہ اھو ان جو پابند آھي.‘
17. اي انڌا بيوقوفو! ڪھڙو وڌيڪ درجو ٿو رکي، سون يا ھيڪل جنھن سون کي پاڪ ڪيو؟
18. اوھين ائين بہ چئو ٿا تہ ’جيڪڏھن ڪو قربانگاھہ جو قسم ٿو کڻي تہ اھو ان جو پابند نہ آھي، پر جيڪڏھن ڪو قربانگاھہ تي ڏنل نذر جو قسم ٿو کڻي تہ اھو ان جو پابند آھي.‘
19. اوھين ڪيترا نہ انڌا آھيو. ڪھڙو وڌيڪ درجو ٿو رکي، نذر يا قربانگاھہ، جيڪو نذر کي پاڪ ٿو ڪري؟
20. تنھنڪري جيڪڏھن ڪوبہ ماڻھو قربانگاھہ جو قسم کڻي ٿو تہ ھو نہ رڳو ان جو قسم ٿو کڻي پر انھن سڀني شين جو بہ قسم کڻي ٿو جيڪي اُن تي پيل آھن.