25. پر پھريائين ھن کي ڪيتريون ئي سختيون سھڻيون پونديون ۽ ھن زماني جي ماڻھن کان رد ڪيو ويندو.
26. جيئن نوح جي زماني ۾ ٿيو تيئن ابنآدم جي ڏينھن ۾ بہ ٿيندو.
27. تيستائين اھي کائيندا، پيئندا رھيا ۽ شاديون ڪندا ۽ ڪرائيندا رھيا، جيستائين اھو ڏينھن ٿيو جو نوح ٻيڙي ۾ گھڙيو. پوءِ ٻوڏ آئي ۽ سڀني کي ناس ڪري ڇڏيائين.
28. ساڳيءَ طرح لوط جي ڏينھن ۾ بہ ٿيو، اھي کائيندا پيئندا، وڻج واپار ڪندا، پوکيندا ۽ اڏيندا رھيا.
29. پر جنھن ڏينھن لوط سدوم شھر کان نڪري ٻاھر ٿيو ھو، تنھن ڏينھن آسمان مان باھہ ۽ گندرف جو مينھن اچي وٺو ھو ۽ انھن سڀني کي ناس ڪري ڇڏيو ھئائين.
30. سو بلڪل ائين ئي ٿيندو جنھن ڏينھن ابنآدم ظاھر ٿيندو.
31. انھيءَ ڏينھن جيڪڏھن ڪو ماڻھو ڪوٺي تي آھي تہ ھن کي پاڻ سان ڪا شيءِ کڻي نڪرڻ لاءِ لھي گھر ۾ وڃڻ نہ کپي ۽ ساڳيءَ ريت جيڪڏھن ڪو ٻنيءَ ۾ آھي تہ گھر ڏانھن موٽڻ نہ گھرجيس.