تنھنڪري واجب آھي تہ آءٌ اوھان سڀني جي باري ۾ ائين ئي سمجھان، ڇاڪاڻتہ اوھين منھنجيءَ دل ۾ موجود آھيو. منھنجي قيد ۾ توڙي خوشخبريءَ کي سچي ثابت ڪرڻ ۽ ان کي پڪيءَ طرح قائم ڪرڻ ۾، اوھين سڀ خدا جي ڏنل فضل ۾ مون سان ڀاڱي ڀائيوار آھيو.