5. پر جيڪڏھن ڪنھن ماڻھوءَ کي پنھنجي گھر سنڀالڻ جي خبر ناھي تہ اھو خدا جي ڪليسيا جو ڪھڙو بندوبست رکي سگھندو؟
6. ھو تازو ايمان آڻيندڙ نہ ھجي، متان ڦونڊ ۾ اچي شيطان واري سزا ۾ پوي.
7. تنھن کان سواءِ جيڪي ڪليسيا کان ٻاھر آھن، تن وٽ بہ کيس نيڪ ناموس ھئڻ گھرجي، انھيءَ لاءِ تہ متان ملامت ھيٺ اچي ۽ شيطان جي ڦندي ۾ ڦاسي پوي.
8. ساڳيءَ طرح خادمن کي بہ سنجيدو ھئڻ گھرجي. اھي ٻہچاپڙا، مئي جا عادي ۽ ناجائز نفعي جا لالچي نہ ھجن.
9. انھن کي گھرجي تہ ايمان جي راز کي صاف ضمير سان سنڀالي رکن.