بابن

  1. 1
  2. 2
  3. 3
  4. 4
  5. 5
  6. 6

نئين عهد نامي

1.تيمٿيس 3 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

ڪليسيا جا نگھبان

1. اھا ڳالھہ سچي آھي تہ جيڪو ماڻھو نگھبان جو عھدو وٺڻ گھري ٿو، سو چڱي ڪم جي خواھش ٿو ڪري.

2. تنھنڪري نگھبان کي گھرجي تہ مٿس ڪو الزام نہ ھجي. ھو ھڪڙيءَ زال جو مڙس ھجڻ سان گڏ پرھيزگار، سمجھُو، اصول وارو، مھمان⁠نواز ۽ تعليم ڏيڻ جي لائق ھجي.

3. ھو شرابي نہ ھجي، نہ ئي مار ڪٽ ڪندڙ، بلڪ حليم ھجي. جھيڙو ڪندڙ يا پيسي جو لالچي نہ ھجي.

4. ھو پنھنجي گھر جو چڱيءَ طرح سنڀاليندڙ ۽ پنھنجي ٻارن کي پوري سنجيدگيءَ سان تابع رکڻ وارو ھجي.

5. پر جيڪڏھن ڪنھن ماڻھوءَ کي پنھنجي گھر سنڀالڻ جي خبر ناھي تہ اھو خدا جي ڪليسيا جو ڪھڙو بندوبست رکي سگھندو؟

6. ھو تازو ايمان آڻيندڙ نہ ھجي، متان ڦونڊ ۾ اچي شيطان واري سزا ۾ پوي.

7. تنھن کان سواءِ جيڪي ڪليسيا کان ٻاھر آھن، تن وٽ بہ کيس نيڪ ناموس ھئڻ گھرجي، انھيءَ لاءِ تہ متان ملامت ھيٺ اچي ۽ شيطان جي ڦندي ۾ ڦاسي پوي.

ڪليسيا جا خادم

8. ساڳيءَ طرح خادمن کي بہ سنجيدو ھئڻ گھرجي. اھي ٻہ⁠چاپڙا، مئي جا عادي ۽ ناجائز نفعي جا لالچي نہ ھجن.

9. انھن کي گھرجي تہ ايمان جي راز کي صاف ضمير سان سنڀالي رکن.

10. پھريائين انھن جو آزمودو ورتو وڃي، پوءِ جيڪڏھن سندن خلاف ڪو الزام ثابت نہ ٿئي تہ ڀلي خادم طور ڪم ڪن.

11. ساڳئي نموني خدمتگار عورتن کي بہ سنجيدہ رھڻ گھرجي. اھي گلا ڪندڙ نہ، بلڪ پرھيزگار ۽ ھر ڳالھہ ۾ ڀروسي جھڙيون ھجن.

12. خادمن کي رڳو ھڪ ھڪ زال جو مڙس ھئڻ کپي ۽ کين پنھنجن ٻارن ۽ پنھنجي گھر جي چڱيءَ طرح سنڀال ڪرڻ گھرجي.

13. ڇالاءِ⁠جو جيڪي خادم چڱيءَ طرح خدمت ٿا ڪن، سي چڱو درجو ٿا ماڻين ۽ جيڪو ايمان کين عيسيٰ مسيح تي آھي تنھن ۾ وڏي دليري حاصل ڪن ٿا.

دينداريءَ جو وڏو راز

14. جيئن ھي ھدايتون تو ڏانھن لکي رھيو آھيان، تيئن اميد اٿم تہ جلد تو سان اچي ملندس.

15. پر جيڪڏھن مون کي اچڻ ۾ دير ٿئي تہ ھنن ھدايتن مان تو کي معلوم ٿي وڃي تہ خدا جي گھراڻي يعني جيئري خدا جي ڪليسيا، جيڪا سچ جو ٿنڀو ۽ بنياد آھي، تنھن ۾ ماڻھن کي ڪھڙيءَ طرح ھلت ڪرڻ کپي.

16. انھيءَ ۾ ڪو شڪ ناھي تہ دينداريءَ جو راز وڏو آھي، يعني:ھو جسم ۾ ظاھر ٿيو۽ پاڪ روح جي ڪري سچو ثابت ٿيو.ھو ملائڪن کي ڏسڻ ۾ آيو۽ قومن ۾ سندس منادي ڪئي ويئي.دنيا ۾ مٿس ايمان آندو ويو۽ آسمان ڏانھن ھو مٿي کنيو ويو.