نئين عهد نامي

رسولن جا ڪم 9:14-31 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

14. ھو ھتي بہ انھيءَ لاءِ آيو آھي تہ وڏن سردار ڪاھنن جي اختياريءَ سان انھن ماڻھن کي گرفتار ڪري جيڪي تنھنجو نالو وٺن ٿا.“

15. خداوند ھن کي چيو تہ ”وڃ، ڇاڪاڻ⁠تہ مون ھن کي پنھنجي خدمت واسطي چونڊيو آھي تہ ھو منھنجو نالو غير قومن، سندن بادشاھن ۽ بني اسرائيل اڳيان ظاھر ڪري.

16. آءٌ پاڻ ھن کي ڏيکاريندس تہ منھنجي نالي جي ڪري کيس ڪيترا نہ ڏک سھڻا پوندا.“

17. سو حنانياہ ويو ۽ ان گھر ۾ گھڙي پنھنجا ھٿ شائول جي مٿان رکيائين ۽ چيائينس تہ ”شائول ڀاءُ! خداوند عيسيٰ پاڻ مون کي موڪليو آھي، جنھن تو کي رستي ۾ ڏيکاري ڏني، جڏھن تون ھيڏانھن اچي رھيو ھئين. ھن مون کي انھيءَ لاءِ موڪليو آھي تہ تو کي وري ديد ملي ۽ تون پاڪ روح سان ڀرجي وڃين.“

18. ھڪدم ڪا شيءِ مڇيءَ جي ڇلڙ وانگر شائول جي اکين مان ڪري پيئي ۽ ھو وري ڏسڻ وائسڻ لڳو. ھو اٿي بيٺو ۽ بپتسما ورتائين.

19. پوءِ کاڌي کائڻ سان سندس طاقت موٽي آئي.شائول دمشق ۾ ڪجھہ ڏينھن تائين شاگردن سان گڏ رھيو.

20. ھو جلد ئي يھودي عبادت⁠خانن ۾ وڃي عيسيٰ بابت تبليغ ڪرڻ لڳو تہ ھو خدا جو فرزند آھي.

21. جن بہ ھن جي اھا ڳالھہ ٻڌي، سي سڀ حيران ٿي ويا ۽ چوڻ لڳا تہ ”ھي اھو ناھي ڇا، جو جيڪي ⁠بہ يروشلم ۾ عيسيٰ جو نالو وٺندا ھئا تن کي ھو ستائيندو ھو ۽ ھتي بہ انھيءَ ارادي سان آيو ھو تہ انھن ماڻھن کي گرفتار ڪري سردار ڪاھنن وٽ وٺي وڃي؟“

22. پر شائول جي تبليغ ڏينھون ڏينھن زور وٺندي ويئي ۽ جيڪي يھودي دمشق ۾ رھندا ھئا تن کي منجھائي ڇڏيائين، جو ثابت ڪري ڏيکاريائين تہ عيسيٰ ئي مسيح آھي.

23. گھڻن ڏينھن گذرڻ کان پوءِ يھودين گڏجي سازش سٽي تہ شائول کي قتل ڪجي.

24. پر شائول کي سندن سازش جي خبر پئجي ويئي تہ اھي رات ڏينھن شھر جي دروازن تي پھرو ڏيندا رھن ٿا تہ جيئن کيس مارين.

25. سو سندس شاگردن رات جي وقت ھن کي ھڪڙي کاريءَ ۾ ويھاري شھر جي ڀت کان ھيٺ لاھي ڇڏيو.

26. پوءِ شائول يروشلم ۾ اچي پھتو ۽ شاگردن ۾ شامل ٿيڻ جي ڪوشش ڪيائين. پر اھي سڀيئي کانئس ڊنا ٿي، جو اعتبار ئي نہ ٿي آين تہ ھو بہ ڪو شاگرد آھي.

27. تڏھن برنباس ھن جي مدد ڪئي ۽ کيس رسولن وٽ وٺي آيو. ھن انھن کي سمجھايو تہ شائول ڪيئن خداوند کي رستي ۾ ڏٺو ۽ ڪيئن خداوند ھن سان ڳالھايو. ھن اھو بہ ٻڌاين تہ شائول دمشق ۾ ڪيڏي نہ دليريءَ سان عيسيٰ جي نالي جي تبليغ ڪئي.

28. پوءِ شائول شاگردن سان گڏ يروشلم ۾ ايندو ويندو ھو ۽ دليريءَ سان خداوند جي نالي جي تبليغ پيو ڪندو ھو.

29. ھو يوناني ڳالھائيندڙ يھودين سان گفتگو ۽ بحث بہ پيو ڪندو ھو، پر اھي کيس مارڻ جا وجھہ پيا ڳوليندا ھئا.

30. جڏھن ڀائرن کي اھا خبر پيئي تہ ھو شائول کي قيصريہ ۾ وٺي آيا ۽ پوءِ کيس ترسس ڏانھن موڪلي ڇڏيائون.

31. انھيءَ کان پوءِ سڄي يھوديہ، گليل ۽ سامريہ جي ڪليسيائن کي امن حاصل ٿيو. اھي قائم ٿينديون ويون ۽ خداوند جي خوف ۽ پاڪ روح جي مدد سان وڌنديون ويون.

مڪمل باب پڙهڻ رسولن جا ڪم 9