نئين عهد نامي

رسولن جا ڪم 8:26-38 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

26. خداوند جي ھڪڙي ملائڪ فلپس کي چيو تہ ”تيار ٿيءُ ۽ ڏکڻ طرف ان رستي سان وڃ، جيڪو يروشلم کان غزہ ڏانھن بيابان مان وڃي ٿو.“

27. فلپس تيار ٿيو ۽ اوڏانھن ويو پئي تہ رستي ۾ کيس ھڪڙو حبش جو ماڻھو مليو جيڪو کدڙو ھو. ھي ماڻھو حبش جي راڻيءَ جي سڄي خزاني جو وزير ھو ۽ يروشلم ۾ خدا جي عبادت ڪرڻ لاءِ ويو ھو.

28. ھو گاڏيءَ ۾ پنھنجي وطن ڏانھن موٽي رھيو ھو ۽ رستي سان يسعياہ نبيءَ جو پاڪ ڪتاب پڙھندو پئي ويو.

29. پاڪ روح فلپس کي چيو تہ ”ويجھو وڃي انھيءَ گاڏيءَ سان گڏج.“

30. تڏھن فلپس ڊوڙي وٽس ويو ۽ ھن کي يسعياہ نبيءَ جو پاڪ ڪتاب پڙھندي ٻڌائين. فلپس کانئس پڇيو تہ ”جيڪي توھين پڙھو ٿا، سو سمجھو بہ ٿا يا نہ؟“

31. تنھن تي ھن چيو تہ ”جيستائين ڪو مون کي نہ سمجھائيندو تيستائين آءٌ ڪيئن سمجھندس؟“ پوءِ ھن فلپس کي عرض ڪيو تہ ”اچي مون سان گڏ ويھو.“

32. پاڪ ڪتاب جو جيڪو حصو انھيءَ پڙھيو پئي سو ھي آھي تہ”ھو ھڪڙي رڍ وانگر آھي،جنھن کي ڪھڻ لاءِ وٺي ويا،۽ جھڙيءَ طرح ڪو گھيٽوپنھنجي اُن ڪترڻ واري جي اڳيانگونگو ٿي بيھندو آھي،تھڙيءَ طرح ھن بہ ٻڙڪ نہ ڪڇي.

33. ساڻس جٺ ڪيائون ۽ سندس انصاف ڪين ٿيو.سندس پيڙھيءَ جو احوال ڪير بيان ڪندو؟ڇالاءِ⁠جو سندس جان زمين تان کڄي ويئي.“

34. آفيسر فلپس کي چيو تہ ”مھرباني ڪري ٻڌايو تہ ھيءُ نبي ڪنھن بابت ٿو چوي؟ ھو پنھنجي بابت ٿو چوي يا ڪنھن ٻئي بابت؟“

35. فلپس ڳالھائڻ لڳو ۽ پاڪ ڪتاب کي انھيءَ ھنڌ کان شروع ڪري کيس عيسيٰ جي خوشخبري ٻڌايائين.

38. سو آفيسر گاڏيءَ کي بيھارڻ جو حڪم ڏنو. ھو ۽ فلپس ٻئي ھيٺ پاڻيءَ ۾ لٿا ۽ فلپس کيس بپتسما ڏني.

مڪمل باب پڙهڻ رسولن جا ڪم 8