19. ۽ چيائين تہ ”مون کي بہ اھا اختياري ڏيو تہ جنھن تي پنھنجا ھٿ رکان تہ ان کي پاڪ روح ملي.“
20. تنھن تي پطرس جواب ڏنس تہ ”شل تون ۽ تنھنجا پيسا ٻئي جھنم ۾ پئو، جو تون سمجھين ٿو تہ ’خدا جي بخشش پيسن سان خريد ڪريان.‘
21. ھن ڪم ۾ تنھنجو اسان سان ڪوبہ واسطو يا حصو نہ آھي، ڇالاءِجو تنھنجي دل اڃا خدا ڏانھن صاف نہ ٿي آھي.
22. تنھنڪري پنھنجي انھيءَ بڇڙائيءَ تي توبھہ ڪر ۽ خداوند کان دعا گھر تہ شل تو کي تنھنجي دل جي انھيءَ بڇڙي خيال جي معافي ملي.“
23. پطرس وڌيڪ چيس تہ ”مون کي ڏسڻ ۾ اچي ٿو تہ تون ڪو ڏاڍو ساڙ ۾ سڙيل ۽ گناھن ۾ گرفتار آھين.“
24. تنھن تي پطرس ۽ يوحنا کي شمعون چيو تہ ”اوھين منھنجي لاءِ خداوند کان دعا گھرو تہ جيڪي ڳالھيون اوھان چيون آھن تن مان ڪابہ مون سان نہ ٿئي.“
25. خدا جي ڪلام ٻڌائڻ ۽ پنھنجي شاھدي ڏيڻ کان پوءِ پطرس ۽ يوحنا يروشلم ڏانھن موٽيا ۽ واٽ تي سامريہ جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ خوشخبريءَ جي منادي ڪيائون.
26. خداوند جي ھڪڙي ملائڪ فلپس کي چيو تہ ”تيار ٿيءُ ۽ ڏکڻ طرف ان رستي سان وڃ، جيڪو يروشلم کان غزہ ڏانھن بيابان مان وڃي ٿو.“
27. فلپس تيار ٿيو ۽ اوڏانھن ويو پئي تہ رستي ۾ کيس ھڪڙو حبش جو ماڻھو مليو جيڪو کدڙو ھو. ھي ماڻھو حبش جي راڻيءَ جي سڄي خزاني جو وزير ھو ۽ يروشلم ۾ خدا جي عبادت ڪرڻ لاءِ ويو ھو.
28. ھو گاڏيءَ ۾ پنھنجي وطن ڏانھن موٽي رھيو ھو ۽ رستي سان يسعياہ نبيءَ جو پاڪ ڪتاب پڙھندو پئي ويو.
29. پاڪ روح فلپس کي چيو تہ ”ويجھو وڃي انھيءَ گاڏيءَ سان گڏج.“