نئين عهد نامي

رسولن جا ڪم 8:15-24 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

15. اھي جڏھن اتي پھتا تہ انھن لاءِ دعا گھريائون تہ کين پاڪ روح ملي،

16. ڇالاءِ⁠جو اڃا انھن تي پاڪ روح نازل نہ ٿيو ھو. انھن رڳو خداوند عيسيٰ جي نالي تي بپتسما ورتي ھئي.

17. پوءِ پطرس ۽ يوحنا پنھنجا ھٿ انھن جي مٿان رکيا تہ کين پاڪ روح ملي ويو.

18. شمعون جڏھن ڏٺو تہ رسولن جي ھٿن رکڻ سان پاڪ روح ٿو ملي، تڏھن يوحنا ۽ پطرس کي پيسا آڇيائين

19. ۽ چيائين تہ ”مون کي بہ اھا اختياري ڏيو تہ جنھن تي پنھنجا ھٿ رکان تہ ان کي پاڪ روح ملي.“

20. تنھن تي پطرس جواب ڏنس تہ ”شل تون ۽ تنھنجا پيسا ٻئي جھنم ۾ پئو، جو تون سمجھين ٿو تہ ’خدا جي بخشش پيسن سان خريد ڪريان.‘

21. ھن ڪم ۾ تنھنجو اسان سان ڪوبہ واسطو يا حصو نہ آھي، ڇالاءِ⁠جو تنھنجي دل اڃا خدا ڏانھن صاف نہ ٿي آھي.

22. تنھنڪري پنھنجي انھيءَ بڇڙائيءَ تي توبھہ ڪر ۽ خداوند کان دعا گھر تہ شل تو کي تنھنجي دل جي انھيءَ بڇڙي خيال جي معافي ملي.“

23. پطرس وڌيڪ چيس تہ ”مون کي ڏسڻ ۾ اچي ٿو تہ تون ڪو ڏاڍو ساڙ ۾ سڙيل ۽ گناھن ۾ گرفتار آھين.“

24. تنھن تي پطرس ۽ يوحنا کي شمعون چيو تہ ”اوھين منھنجي لاءِ خداوند کان دعا گھرو تہ جيڪي ڳالھيون اوھان چيون آھن تن مان ڪابہ مون سان نہ ٿئي.“

مڪمل باب پڙهڻ رسولن جا ڪم 8