نئين عهد نامي

رسولن جا ڪم 7:30-49 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

30. جڏھن چاليھہ سال گذريا تہ ھن کي ھڪڙي ملائڪ سينا جبل جي ويجھو بيابان ۾ ڏيکاري ڏني، جيڪو ٻرندڙ ٻوڙي مان ظاھر ٿيو.

31. موسيٰ ھي نظارو ڏسي حيرت ۾ پئجي ويو ۽ جڏھن ھو ان کي ڏسڻ جي لاءِ ويجھو ويو، تڏھن ھن خداوند جو آواز ٻڌو تہ

32. ’آءٌ تنھنجي ابن ڏاڏن جو خدا، ابراھيم، اسحاق ۽ يعقوب جو خدا آھيان.‘ موسيٰ ڏڪي ويو ۽ ان کي ڏسڻ جي ھمت نہ ٿيس.

33. خداوند ھن کي چيو تہ ’پنھنجي جتي لاھہ، ڇالاءِ⁠جو جنھن جاءِ تي تون بيٺو آھين سا ھڪ پاڪ زمين آھي.

34. بيشڪ مون پنھنجن ماڻھن سان مصر ۾ ظلم ٿيندي ڏٺو آھي، مون انھن جي آھہ ٻڌي آھي ۽ کين بچائڻ لاءِ آيو آھيان. ھاڻي اچ تہ آءٌ تو کي مصر ڏانھن موڪليان.‘

35. اھو ئي موسيٰ جنھن کي بني اسرائيل قبول نہ ڪيو، بلڪ چيائونس تہ ’ڪنھن تو کي اسان تي حاڪم ۽ منصف مقرر ڪيو آھي؟‘ تنھن کي ئي خدا حاڪم ۽ بچائيندڙ بڻائي، انھيءَ ملائڪ جي وسيلي موڪليو، جنھن ھن کي ٻرندڙ ٻوڙي ۾ ڏيکاري ڏني ھئي.

36. ھي اھو ئي شخص آھي جنھن کين اتان ڪڍيو ۽ مصر ۾، ڳاڙھي سمنڊ وٽ ۽ چاليھن سالن تائين بيابان ۾ عجب جھڙا ڪم ۽ معجزا ڏيکاريندو رھيو.

37. ھي اھو ئي موسيٰ آھي جنھن بني اسرائيل کي چيو تہ ’خدا اوھان لاءِ اوھان مان ئي مون جھڙو ھڪڙو نبي موڪليندو.‘

38. ھي اھو ئي آھي، جيڪو ان وقت اتي ھو جڏھن سڀيئي بني اسرائيل بيابان ۾ گڏ ٿيا ھئا. اتي ھو اسان جي ابن ڏاڏن سان گڏ ھو ۽ انھيءَ ملائڪ سان گڏ ھو جنھن ھن سان سينا جي جبل تي ڳالھايو ھو. ھي اھو ئي آھي جنھن کي زندہ ڪلام مليو، انھيءَ لاءِ تہ اھو اسان تائين پھچائي.

39. پر اسان جي ابن ڏاڏن ھن جي چئي مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. انھن کيس ڌڪاري ڇڏيو ۽ انھن جي دلين جو لاڙو مصر ڏانھن ٿيو.

40. انھن ھارون کي چيو تہ ’اسان لاءِ اھڙا ديوتا ٺاھہ، جيڪي اسان جي اڳيان اڳيان ھلن، ڇوتہ جنھن موسيٰ اسان کي مصر مان ڪڍيو ھو تنھن جي خبر نہ آھي تہ ساڻس ڇا ٿيو.‘

41. انھن ئي ڏينھن ۾ ھنن ھڪڙو بت ٺاھيو، جيڪو گابي جي شڪل جھڙو ھو ۽ انھيءَ بت تي قرباني ڏنائون. ھو پنھنجن ھٿن سان ٺھيل بت کي ڏسي خوشيون ڪرڻ لڳا.

42. پر خدا انھن کان منھن موڙيو ۽ کين ڇڏي ڏنائين تہ وڃي آسمان جي ستارن جي پوڄا ڪن، جيئن نبين جي صحيفي ۾ لکيل آھي تہ’اي بني اسرائيل وارؤ! ڇا اوھان منھنجي لاءِبيابان ۾ چاليھن سالن تائينجانور ڪھي قربانيون ڏنيون؟ڪڏھن بہ نہ،

43. پر اوھان مولڪ بت جو خيمو،۽ ديوتا رفان جي ستاري جو بت پاڻ سان کنيا،جيڪي اوھان پوڄا ڪرڻ لاءِ ٺاھيا ھئا.ھاڻي آءٌ اوھان کي بابل کان بہ پري ڪڍي ڇڏيندس.‘

44. اسان جي ابن ڏاڏن وٽ بيابان ۾ مقدس خيمو ھو. اھو ائين ئي ٺاھيو ويو ھو جيئن خدا موسيٰ کي ٻڌايو ھو، يعني اھڙي نموني جو جھڙيءَ طرح موسيٰ کي ڏيکاريو ويو ھو.

45. اھو مقدس خيمو اسان جي ابن ڏاڏن کي سندن وڏن کان مليو ھو ۽ اھي تڏھن ان خيمي کي يشوع سان گڏ پاڻ سان کڻي آيا ھئا، جڏھن ھنن انھن قومن جي ملڪ تي وڃي قبضو ڪيو ھو، جن قومن کي خدا سندن اڳيان ڀڄائي ڪڍيو ھو. اھو مقدس خيمو وٽن دائود جي زماني تائين رھيو.

46. دائود خدا وٽ قبول پيو ھو ۽ ھن عرض ڪيو ھو تہ يعقوب جي خدا لاءِ کيس گھر اڏڻ جي اجازت ملي.

47. پر خدا جي گھر جي اڏاوت دائود جي پٽ سليمان جي ھٿان ئي ٿي.

48. پر خدا تعاليٰ ھٿن سان جوڙيل گھرن ۾ نہ ٿو رھي، جيئن نبيءَ چيو آھي تہ

49. ’خداوند فرمايو تہ آسمان منھنجو تخت آھي۽ زمين منھنجي پيرن جي صندلي آھي.سو اوھين منھنجي لاءِ ڪھڙي قسم جو گھر اڏيندا.يا منھنجي آرام جي جاءِ ڪٿي ٺاھيندا؟

مڪمل باب پڙهڻ رسولن جا ڪم 7