نئين عهد نامي

رسولن جا ڪم 7:11-19 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

11. تنھن کان پوءِ مصر ۽ ڪنعان ۾ اچي ڏڪار پيو، جنھن ڪري ڏاڍي مصيبت پيدا ٿي. اسان جي وڏن کي ڪوبہ کاڌو ملي نہ ٿي سگھيو.

12. پر جڏھن يعقوب ٻڌو تہ مصر ۾ اناج آھي تڏھن ھن پنھنجي پٽن يعني اسان جي وڏن کي پھريون دفعو اوڏانھن موڪليو.

13. ٻئي دفعي يوسف پنھنجي ڀائرن کي پاڻ سڃاڻايو ۽ فرعون کي يوسف جي ڪٽنب جي خبر پئجي ويئي.

14. تنھنڪري يوسف پنھنجي پيءُ يعقوب ۽ پنھنجي سڄي ڪٽنب کي پاڻ وٽ گھرايو. اھي جملي پنجھتر ڄڻا ھئا.

15. پوءِ يعقوب مصر ڏانھن ويو جتي ھو ۽ اسان جا وڏا مري ويا.

16. انھن جا لاش کڻي وڃي شڪم جي انھيءَ قبرستان ۾ دفن ڪيائون، جيڪو ابراھيم شڪم ۾ حمور جي پٽن کان پيسن سان خريد ڪيو ھو.

17. جڏھن ابراھيم سان خدا جي ڪيل واعدي جو مدو پورو ٿيڻ تي آيو تہ مصر ۾ اسان جي ماڻھن جو تعداد وڌي گھڻو ٿي ويو.

18. پوءِ ھڪڙو ٻيو بادشاھہ مصر ۾ حڪومت ڪرڻ لڳو، جيڪو يوسف کي نہ سڃاڻيندو ھو.

19. انھيءَ اسان جي قوم سان ڊوھہ ڪري اسان جي ابن ڏاڏن سان تمام گھڻا ظلم ڪندي کين مجبور ڪيو جو ھو پنھنجن ٻارڙن کي گھر کان ٻاھر اڇلائي ڇڏيندا ھئا تہ ڀل اھي مري وڃن.

مڪمل باب پڙهڻ رسولن جا ڪم 7