نئين عهد نامي

رسولن جا ڪم 5:37-42 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

37. ان کان پوءِ آدم شماريءَ جي ڏينھن ۾ يھوداہ گليلي ظاھر ٿيو ۽ ھن ڪيترائي ماڻھو پنھنجا پوئلڳ بڻايا، سو بہ چٽ ٿي ويو ۽ سندس سڀيئي پوئلڳ ڇڙوڇڙ ٿي ويا.

38. سو ھاڻي آءٌ اوھان کي چوان ٿو تہ ھنن ماڻھن جي خلاف ڪوبہ قدم نہ کڻو ۽ کين ڇڏي ڏيو، ڇاڪاڻ⁠تہ جيڪڏھن ھنن جو مقصد ۽ ڪم ماڻھن جو ٺھيل ھوندو تہ اھو پاڻھي ختم ٿي ويندو.

39. پر جيڪڏھن اھو خدا جي طرفان آھي تہ پوءِ اوھين انھن کي روڪي ڪين سگھندا، پر اٽلندو اوھين خدا جو مقابلو ڪندا.“ڪائونسل گملي⁠ايل جي صلاح تي عمل ڪيو.

40. انھن رسولن کي اندر گھرائي چھبڪ ھڻايا ۽ کين سخت تاڪيد ڪيائون تہ ھو وري عيسيٰ جي نالي تي تعليم نہ ڏين. پوءِ انھن کي ڇڏي ڏنائون.

41. رسول ڪائونسل مان خوشيون ڪندي نڪتا جو خدا کين انھيءَ لائق بڻايو تہ عيسيٰ جي نالي جي ڪري سندن بي⁠عزتي ٿي.

42. اھي روزانو ھيڪل ۾ ۽ ماڻھن جي گھرن ۾ تعليم ڏيندا ۽ ھن خوشخبريءَ جي تبليغ ڪندا رھيا تہ عيسيٰ ئي مسيح آھي.

مڪمل باب پڙهڻ رسولن جا ڪم 5