نئين عهد نامي

رسولن جا ڪم 5:21-32 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

21. انھيءَ حڪم موجب رسول صبح جو سوير ئي ھيڪل ۾ وڃي تعليم ڏيڻ لڳا.وڏي سردار ڪاھن ۽ سندس ساٿين يھودين جي سڀني بزرگن کي پاڻ وٽ سڏايو تہ جيئن ڪائونسل جي مڪمل گڏجاڻي ٿئي. پوءِ انھن جيل ڏانھن چوائي موڪليو تہ رسولن کي حاضر ڪيو وڃي.

22. پر جڏھن سپاھي اتي پھتا تہ انھن جيل ۾ رسولن کي نہ ڏٺو. سو اھي ڪائونسل ڏانھن موٽي آيا ۽ ٻڌايائون تہ

23. ”جڏھن اسين اتي پھتاسون تہ اسان جيل کي چڱيءَ طرح ڪلف لڳل ڏٺو ۽ سڀ پھريدار دروازن تي پھرو ڏيئي رھيا ھئا. پر جڏھن اسان دروازا کوليا تہ اسان کي اندر ڪوبہ ماڻھو ڏسڻ ۾ نہ آيو.“

24. جڏھن ھيڪل جي صوبيدار ۽ سردار ڪاھنن اھا ڳالھہ ٻڌي تڏھن وائڙا ٿي ويا.

25. ايتري ۾ ھڪ ماڻھو اندر آيو، جنھن اچي کين ٻڌايو تہ ”ڳالھہ ٻڌي اٿوَ، جن ماڻھن کي اوھان جيل ۾ وڌو ھو، سي ھيڪل ۾ بيٺا ماڻھن کي تعليم پيا ڏين.“

26. سو صوبيدار پنھنجن سپاھين سان وڃي رسولن کي موٽائي وٺي آيو. سپاھين رسولن سان ڪابہ زيادتي نہ ڪئي، ڇوتہ ھو ڊڄن پيا تہ متان ماڻھو ساڻن وڙھن.

27. ھنن رسولن کي آڻي ڪائونسل جي اڳيان بيھاريو. وڏي سردار ڪاھن کانئن پڇا ڳاڇا ڪندي

28. کين چيو تہ ”اسان اوھان کي سخت تاڪيد ڪيو ھو تہ ھن ماڻھوءَ جي نالي تي تعليم نہ ڏيو. پر اٽلندو اوھان سڄي يروشلم ۾ پنھنجي تعليم پکيڙي ڇڏي آھي، جنھن ۾ اسان کي انھيءَ جي موت جو ذميوار بہ بڻايو ٿا.“

29. پطرس ۽ ٻين رسولن جواب ۾ چيو تہ ”اسان کي ماڻھن جو نہ، پر خدا جو چيو مڃڻ کپي.

30. توڙي جو اوھان عيسيٰ کي صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھڻي ماري ڇڏيو ھو، تڏھن بہ اسان جي ابن ڏاڏن جي خدا کيس وري جيئرو ڪيو.

31. نہ رڳو ايترو پر خدا کيس مالڪ ۽ ڇوٽڪارو ڏيندڙ بنائڻ لاءِ پنھنجي ساڄي پاسي ڏانھن سربلند ڪيو، تہ جيئن بني اسرائيل کي توبھہ ڪرڻ جي توفيق ملي ۽ سندن گناھہ بخشجي وڃن.

32. اسين انھن ڳالھين جا شاھد آھيون ۽ پاڪ روح بہ، جو خدا انھن کي ڏنو آھي جيڪي سندس فرمانبردار آھن.“

مڪمل باب پڙهڻ رسولن جا ڪم 5