نئين عهد نامي

رسولن جا ڪم 5:16-27 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

16. يروشلم جي آس⁠پاس وارن ڳوٺن مان ماڻھن جا ڪيترائي ميڙ پنھنجا بيمار ۽ ڀوتن ورتل ماڻھو کڻي ايندا ھئا ۽ انھن سڀني کي شفا ملندي ھئي.

17. پوءِ وڏو سردار ڪاھن ۽ سندس ساٿي جيڪي صدوقين جي مقامي فرقي جا ماڻھو ھئا، سي رسولن تي ڏاڍا ساڙ کائڻ لڳا. سو اھي رسولن خلاف اٿي کڙا ٿيا

18. ۽ کين گرفتار ڪري جيل ۾ وڌائون.

19. پر انھيءَ رات خداوند جي ھڪڙي ملائڪ اچي جيل جا دروازا کوليا ۽ رسولن کي ٻاھر ڪڍيائين ۽ کين چيائين تہ

20. ”وڃو ۽ ھيڪل ۾ بيھي ماڻھن کي ھن نئين زندگيءَ بابت سڀ ڪجھہ ٻڌايو.“

21. انھيءَ حڪم موجب رسول صبح جو سوير ئي ھيڪل ۾ وڃي تعليم ڏيڻ لڳا.وڏي سردار ڪاھن ۽ سندس ساٿين يھودين جي سڀني بزرگن کي پاڻ وٽ سڏايو تہ جيئن ڪائونسل جي مڪمل گڏجاڻي ٿئي. پوءِ انھن جيل ڏانھن چوائي موڪليو تہ رسولن کي حاضر ڪيو وڃي.

22. پر جڏھن سپاھي اتي پھتا تہ انھن جيل ۾ رسولن کي نہ ڏٺو. سو اھي ڪائونسل ڏانھن موٽي آيا ۽ ٻڌايائون تہ

23. ”جڏھن اسين اتي پھتاسون تہ اسان جيل کي چڱيءَ طرح ڪلف لڳل ڏٺو ۽ سڀ پھريدار دروازن تي پھرو ڏيئي رھيا ھئا. پر جڏھن اسان دروازا کوليا تہ اسان کي اندر ڪوبہ ماڻھو ڏسڻ ۾ نہ آيو.“

24. جڏھن ھيڪل جي صوبيدار ۽ سردار ڪاھنن اھا ڳالھہ ٻڌي تڏھن وائڙا ٿي ويا.

25. ايتري ۾ ھڪ ماڻھو اندر آيو، جنھن اچي کين ٻڌايو تہ ”ڳالھہ ٻڌي اٿوَ، جن ماڻھن کي اوھان جيل ۾ وڌو ھو، سي ھيڪل ۾ بيٺا ماڻھن کي تعليم پيا ڏين.“

26. سو صوبيدار پنھنجن سپاھين سان وڃي رسولن کي موٽائي وٺي آيو. سپاھين رسولن سان ڪابہ زيادتي نہ ڪئي، ڇوتہ ھو ڊڄن پيا تہ متان ماڻھو ساڻن وڙھن.

27. ھنن رسولن کي آڻي ڪائونسل جي اڳيان بيھاريو. وڏي سردار ڪاھن کانئن پڇا ڳاڇا ڪندي

مڪمل باب پڙهڻ رسولن جا ڪم 5