نئين عهد نامي

رسولن جا ڪم 4:18-29 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

18. پوءِ ھنن پطرس ۽ يوحنا کي وري پاڻ وٽ سڏايو ۽ کين سختيءَ سان تاڪيد ڪري چيائون تہ ”ڪنھن بہ صورت ۾ اوھين عيسيٰ جي نالي نڪي ڪجھہ چئو ۽ نڪا تعليم ڏيو.“

19. پر پطرس ۽ يوحنا ورندي ڏنن تہ ”اوھين پاڻ ئي انصاف ڪريو تہ خدا جي آڏو ڪھڙو جائز آھي، اوھان جو حڪم مڃڻ يا خدا جو حڪم مڃڻ.

20. ڇالاءِ⁠جو اھو ناممڪن آھي تہ اسين اھي ڳالھيون نہ ٻڌايون جيڪي اسان ڏٺيون ۽ ٻڌيون آھن.“

21. تنھن تي ڪائونسل انھن کي وري بہ دڙڪا ڏيئي ڇڏي ڏنو. انھن کي ڪوبہ سبب نظر نہ آيو جنھن جي ڪري کين سزا ڏين، ڇاڪاڻ⁠تہ جيڪي ڪجھہ ٿيو ھو تنھن تي سڀ ماڻھو خدا جي واکاڻ ڪري رھيا ھئا.

22. جيڪو ماڻھو معجزي سان چڱو ڀلو ٿيو ھو، تنھن جي عمر چاليھن سالن کان بہ مٿي ھئي.

23. جيئن ئي پطرس ۽ يوحنا آزاد ٿيا تہ ھو موٽي پنھنجي ساٿين وٽ آيا ۽ جيڪي سردار ڪاھنن ۽ بزرگن چيو ھونِ سو سڀ کين ٻڌايائون.

24. جڏھن انھن اھو ٻڌو تہ سڀيئي گڏجي وڏي آواز سان خدا کان دعا گھرڻ لڳا تہ ”اي مالڪ! تون آسمان، زمين، سمنڊ ۽ جيڪي ڪجھہ انھن منجھہ آھي تنھن جو خالق آھين.

25. تو پاڪ روح جي وسيلي پنھنجي ٻانھي ۽ اسان جي وڏي دائود جي واتان چوايو ھو تہ’غير قومن ڇو گوڙ مچايو؟ماڻھن ڇو اجايا خيال ڪيا؟

26. دنيا جا بادشاھہ تيار ٿي آيا،حاڪم اچي گڏ ٿيا۽ خداوند ۽ سندس مسيح سانمقابلو ڪرڻ لڳا.‘

27. سچ⁠پچ تہ ھن شھر ۾ تنھنجو پاڪ ٻانھو عيسيٰ جنھن کي تو مسيح مقرر ڪيو، تنھن جي خلاف گليل جو حاڪم ھيروديس ۽ پنطيس پلاطس، غير قومن ۽ بني اسرائيل جي ماڻھن سميت اچي گڏ ٿيا.

28. اھو انھيءَ لاءِ ٿيو تہ جيڪي تنھنجي ھٿان ۽ تنھنجي مرضيءَ موجب اڳي ئي مقرر ٿيل ھو سو پورو ٿئي.

29. ھاڻي اي خداوند! تون ھنن جي دڙڪن تي نظر ڪر ۽ اسين، جيڪي تنھنجا ٻانھا آھيون تن کي اھڙي توفيق ڏي تہ جيئن اسين بي⁠ڊپا ٿي تنھنجو ڪلام ماڻھن کي ٻڌايون.

مڪمل باب پڙهڻ رسولن جا ڪم 4