بابن

  1. 1
  2. 2
  3. 3
  4. 4
  5. 5
  6. 6
  7. 7
  8. 8
  9. 9
  10. 10
  11. 11
  12. 12
  13. 13
  14. 14
  15. 15
  16. 16
  17. 17
  18. 18
  19. 19
  20. 20
  21. 21
  22. 22
  23. 23
  24. 24
  25. 25
  26. 26
  27. 27
  28. 28

نئين عهد نامي

رسولن جا ڪم 4 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

پطرس ۽ يوحنا جي گرفتاري

1. پطرس ۽ يوحنا اڃا ماڻھن سان ڳالھايو ئي بيٺي تہ ڪاھن، ھيڪل جو صوبيدار ۽ صدوقي انھن تي چڙھي آيا.

2. اھي اچي مٿن ڪاوڙيا، ڇالاءِ⁠جو ھنن عيسيٰ جو مثال ڏيئي ماڻھن کي تعليم پئي ڏني تہ مئلن کي وري جيئرو ڪيو ويندو.

3. سو ھنن ٻنھي رسولن کي پڪڙيو، پر جيئن تہ سانجھي ٿي ويئي ھئي، تنھنڪري ٻئي ڏينھن صبح تائين ھنن کي جيل ۾ رھايو ويو.

4. تنھن ھوندي بہ پيغام ٻڌندڙن مان ڪيترن ئي ايمان آندو. اھڙيءَ طرح ايمان آڻيندڙن جي جماعت جو تعداد اٽڪل پنج ھزار ٿي ويو.

5. ٻئي ڏينھن صبح جو يھودين جا اڳواڻ، بزرگ ۽ شريعت جا عالم اچي يروشلم ۾ گڏ ٿيا.

6. وڏو سردار ڪاھن حنا ۽ ھن سان گڏ قائفا، يوحنا، سڪندر ۽ ٻيا جيڪي سردار ڪاھن جا مٽ مائٽ ھئا سي بہ اتي موجود ھئا.

7. انھن پطرس ۽ يوحنا کي پنھنجي اڳيان بيھاري پڇيو تہ ”ڪنھن جي قدرت سان يا ڪنھن جي نالي تي اوھان اھو ڪم ڪيو آھي؟“

8. تنھن تي پطرس پاڪ روح سان ڀرجي چوڻ لڳو تہ ”اي امت جا حاڪمو ۽ بزرگو!

9. جيڪڏھن اڄ اسان کان پڇا ٿي ٿئي تہ اسان منڊي ماڻھوءَ سان ڇو چڱائي ڪئي ۽ ھو ڪيئن چڱو ڀلو ٿيو تہ

10. پوءِ اوھان ۽ بني اسرائيل جي سڀني ماڻھن کي ڄاڻڻ کپي تہ ھي ماڻھو، جيڪو اوھان جي اڳيان بلڪل چاق چڱو ڀلو بيٺو آھي سو عيسيٰ مسيح ناصريءَ جي نالي تي چڱو ڀلو ٿيو آھي، جنھن کي اوھان صليب تي چاڙھيو ۽ خدا کيس مئلن مان وري جيئرو ڪيو.

11. عيسيٰ اھو آھي جنھن لاءِ لکيل آھي تہ’جنھن پٿر کي رازن رد ڪيو،سو ئي پيڙھہ جو پٿر ٿيو.‘

12. ڪنھن بہ ٻئي جي ھٿ ۾ ڇوٽڪارو نہ آھي، ڇالاءِ⁠جو آسمان جي ھيٺان ماڻھن کي ٻيو ڪوبہ نالو ڏنل ڪونھي جنھن جي وسيلي اسان کي ڇوٽڪارو ملي.“

13. اھي پطرس ۽ يوحنا تي عجب کائڻ لڳا تہ ھي رواجي ماڻھو ٿوري تعليم ھوندي بہ ڪيترا نہ دلير آھن! پر پوءِ ڄاتائون تہ ھو عيسيٰ جا ساٿي آھن.

14. ھو رسولن جي خلاف ڪجھہ بہ چئي نہ سگھيا، ڇالاءِ⁠جو جيڪو ماڻھو چڱو ڀلو ٿيو ھو سو بہ ساڻن گڏ بيٺل ھو.

15. تنھنڪري انھن کين ڪائونسل کان ٻاھر نڪري وڃڻ لاءِ چيو ۽ پاڻ ۾ صلاح ڪرڻ لڳا تہ

16. ”اسان ھنن ماڻھن کي ڇا ڪريون؟ ڇالاءِ⁠جو يروشلم جو ھر ھڪ ماڻھو ڄاڻي ٿو تہ ھنن ھڪ وڏو معجزو ڪيو آھي جنھن جو اسين انڪار ڪري نہ ٿا سگھون.

17. پر متان اھا ڳالھہ ماڻھن ۾ زيادہ پکڙجي وڃي، تنھنڪري اچو تہ ھنن کي دڙڪو ڏيون تہ وري عيسيٰ جي نالي جي ڳالھہ نہ ڪن.“

18. پوءِ ھنن پطرس ۽ يوحنا کي وري پاڻ وٽ سڏايو ۽ کين سختيءَ سان تاڪيد ڪري چيائون تہ ”ڪنھن بہ صورت ۾ اوھين عيسيٰ جي نالي نڪي ڪجھہ چئو ۽ نڪا تعليم ڏيو.“

19. پر پطرس ۽ يوحنا ورندي ڏنن تہ ”اوھين پاڻ ئي انصاف ڪريو تہ خدا جي آڏو ڪھڙو جائز آھي، اوھان جو حڪم مڃڻ يا خدا جو حڪم مڃڻ.

20. ڇالاءِ⁠جو اھو ناممڪن آھي تہ اسين اھي ڳالھيون نہ ٻڌايون جيڪي اسان ڏٺيون ۽ ٻڌيون آھن.“

21. تنھن تي ڪائونسل انھن کي وري بہ دڙڪا ڏيئي ڇڏي ڏنو. انھن کي ڪوبہ سبب نظر نہ آيو جنھن جي ڪري کين سزا ڏين، ڇاڪاڻ⁠تہ جيڪي ڪجھہ ٿيو ھو تنھن تي سڀ ماڻھو خدا جي واکاڻ ڪري رھيا ھئا.

22. جيڪو ماڻھو معجزي سان چڱو ڀلو ٿيو ھو، تنھن جي عمر چاليھن سالن کان بہ مٿي ھئي.

ايمان وارن جي ھمت لاءِ دعا

23. جيئن ئي پطرس ۽ يوحنا آزاد ٿيا تہ ھو موٽي پنھنجي ساٿين وٽ آيا ۽ جيڪي سردار ڪاھنن ۽ بزرگن چيو ھونِ سو سڀ کين ٻڌايائون.

24. جڏھن انھن اھو ٻڌو تہ سڀيئي گڏجي وڏي آواز سان خدا کان دعا گھرڻ لڳا تہ ”اي مالڪ! تون آسمان، زمين، سمنڊ ۽ جيڪي ڪجھہ انھن منجھہ آھي تنھن جو خالق آھين.

25. تو پاڪ روح جي وسيلي پنھنجي ٻانھي ۽ اسان جي وڏي دائود جي واتان چوايو ھو تہ’غير قومن ڇو گوڙ مچايو؟ماڻھن ڇو اجايا خيال ڪيا؟

26. دنيا جا بادشاھہ تيار ٿي آيا،حاڪم اچي گڏ ٿيا۽ خداوند ۽ سندس مسيح سانمقابلو ڪرڻ لڳا.‘

27. سچ⁠پچ تہ ھن شھر ۾ تنھنجو پاڪ ٻانھو عيسيٰ جنھن کي تو مسيح مقرر ڪيو، تنھن جي خلاف گليل جو حاڪم ھيروديس ۽ پنطيس پلاطس، غير قومن ۽ بني اسرائيل جي ماڻھن سميت اچي گڏ ٿيا.

28. اھو انھيءَ لاءِ ٿيو تہ جيڪي تنھنجي ھٿان ۽ تنھنجي مرضيءَ موجب اڳي ئي مقرر ٿيل ھو سو پورو ٿئي.

29. ھاڻي اي خداوند! تون ھنن جي دڙڪن تي نظر ڪر ۽ اسين، جيڪي تنھنجا ٻانھا آھيون تن کي اھڙي توفيق ڏي تہ جيئن اسين بي⁠ڊپا ٿي تنھنجو ڪلام ماڻھن کي ٻڌايون.

30. تون پنھنجي شفا جو ھٿ ڊگھير ۽ پنھنجي پاڪ ٻانھي عيسيٰ جي نالي تي معجزا ۽ ڪرامتون ڏيکار.“

31. جڏھن انھن دعا گھري پوري ڪئي تہ اھا جاءِ ڌڏي ويئي جتي ھو گڏ ٿيا ھئا. اھي سڀيئي پاڪ روح سان ڀرجي ويا ۽ بي⁠ڊپا ٿي خدا جو ڪلام ٻڌائڻ لڳا.

ايمان وارن جو پاڻ ۾ ايڪو

32. ايمان وارن جي سڄي ٽولي دل ⁠وَ جان سان گڏ ھئي ۽ منجھائن ڪوبہ ائين نہ پيو چوي تہ ”ھيءَ شيءِ منھنجي آھي،“ پر ھو سڀني شين ۾ ھڪجھڙا ڀائيوار ھئا.

33. رسول وڏيءَ قدرت سان خداوند عيسيٰ جي وري جيئري ٿيڻ جي شاھدي ڏيندا ھئا ۽ انھن سڀني تي خدا جو ڏاڍو فضل ھو.

34. سڄي ٽوليءَ ۾ اھڙو ڪوبہ ڪونہ ھو جنھن کي ڪنھن شيءِ جي محتاجي ھجي، ڇالاءِ⁠جو جن ماڻھن کي ٻنيون يا گھر ھئا سي اھي وڪڻي، پيسا آڻي

35. رسولن جي اڳيان رکندا ھئا، تہ ھو اھي پيسا ھر ھڪ کي گھرج آھر ڏين.

36. يوسف نالي ھڪ لاوي ھو جنھن جو وطن قبرص ھو، تنھن کي رسولن برنباس جو لقب ڏنو ھو، جنھن جي معنيٰ آھي ”ھمت⁠افزائي ڪندڙ.“

37. انھيءَ وٽ ھڪڙي ٻني ھئي، جا ھن وڪڻي ان جا پيسا آڻي رسولن جي اڳيان رکيا.