بابن

  1. 1
  2. 2
  3. 3
  4. 4
  5. 5
  6. 6
  7. 7
  8. 8
  9. 9
  10. 10
  11. 11
  12. 12
  13. 13
  14. 14
  15. 15
  16. 16
  17. 17
  18. 18
  19. 19
  20. 20
  21. 21
  22. 22
  23. 23
  24. 24
  25. 25
  26. 26
  27. 27
  28. 28

نئين عهد نامي

رسولن جا ڪم 3 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

منڊي ماڻھوءَ کي شفا ملڻ

1. ھڪڙي ڏينھن ٽپھريءَ جي مھل پطرس ۽ يوحنا ھيڪل ڏانھن عبادت ڪرڻ ويا.

2. اتي سھڻي نالي دروازي وٽ ھڪ ڄائي ڄم کان منڊو ويٺو ھو، جنھن کي روزانو دروازي وٽ انھيءَ لاءِ ويھاريندا ھئا تہ ھو ھيڪل ۾ ايندڙ ماڻھن کان پني.

3. ھن جڏھن پطرس ۽ يوحنا کي ھيڪل ۾ ويندي ڏٺو تہ انھن کان بہ خيرات گھريائين.

4. تنھن تي انھن ھن ڏانھن چتائي ڏٺو ۽ پطرس چيس تہ ”اسان ڏانھن نھار.“

5. سو ھن انھن ڏانھن نھاريو ۽ سمجھيائين تہ اھي کيس ڪجھہ ڏيندا.

6. پطرس ھن کي چيو تہ ”مون وٽ سون چاندي تہ ڪونھي، پر آءٌ تو کي اھو ڪجھہ ڏيندس جيڪو مون وٽ آھي، تہ پوءِ اُٿ، عيسيٰ مسيح ناصريءَ جي نالي گھم ڦر.“

7. پوءِ ھن ان کي ساڄي ھٿ کان وٺي اٿاريو. انھيءَ دم ان ماڻھوءَ جا پير ۽ مُرا مضبوط ٿي ويا.

8. ھو ٽپ ڏيئي اٿي بيٺو ۽ گھمڻ ڦرڻ لڳو. پوءِ ھو انھن سان گڏ گھمندو، ٽپا ڏيندو ۽ خدا جي واکاڻ ڪندو ھيڪل ۾ ويو.

9. سڄيءَ خلق ھن کي گھمندي ۽ خدا جي واکاڻ ڪندي ڏٺو.

10. انھن ھن کي سڃاتو تہ ھي اھو پينو فقير آھي، جيڪو ھيڪل جي سھڻي دروازي وٽ ويٺو پنندو ھو. اھي سڀيئي ھن کي ڏسي عجب ۽ حيرت ۾ پئجي ويا.

پطرس جو ھيڪل ۾ تبليغ ڪرڻ

11. اڃا ھو پطرس ۽ يوحنا کي جھليو بيٺو ھو تہ سڀيئي ماڻھو ڏاڍي حيرت ۾ پئجي انھيءَ ورانڊي ۾ وٽن اچي گڏ ٿيا، جنھن کي سليماني ورانڊو ڪري سڏيندا آھن.

12. جڏھن پطرس اھو حال ڏٺو، تڏھن ماڻھن کي چيائين تہ ”اي بني اسرائيل وارؤ! ھن ماڻھوءَ تي عجب ڇو ٿو لڳيوَ؟ اسان ڏانھن گھوري ڇو ٿا نھاريو؟ ڇا اسان ھن کي پنھنجيءَ قدرت ۽ دينداريءَ جي ڪري گھمڻ جي طاقت ڏني آھي؟

13. ابراھيم، اسحاق ۽ يعقوب جي خدا ۽ اسان جي وڏن جي خدا پنھنجي ٻانھي عيسيٰ کي جلال بخشيو، پر اوھان ھن کي پڪڙايو ۽ کيس پلاطس جي درٻار ۾ رد ڪيو، جيتوڻيڪ پلاطس ھن کي ڇڏي ڏيڻ جو ارادو ڪيو ھو.

14. ھو پاڪ ۽ سچار ھو، پر اوھان کيس رد ڪري ھڪ خونيءَ کي آزاد ڪرڻ جو عرض ڪيو.

15. اھڙيءَ طرح اوھان زندگيءَ جي مالڪ کي مارائي ڇڏيو. پر خدا کيس مئلن مان وري جيئرو ڪيو ۽ اسين انھيءَ ڳالھہ جا شاھد آھيون.

16. اھا عيسيٰ جي نالي جي قدرت ۽ مٿس ايمان ئي آھي جنھن ھن منڊي ماڻھوءَ کي گھمڻ جي طاقت ڏني، جنھن کي اوھين ڏسو ۽ سڃاڻو ٿا. اھو عيسيٰ جو نالو ۽ مٿس ايمان ئي آھي، جنھن ھن کي چڱو ڀلو ڪيو ۽ اوھين پاڻ ھن کي چڱيءَ طرح ڏسي سگھو ٿا.

17. اي ڀائرو ۽ ڀينرون! ھاڻي آءٌ ڄاڻان ٿو تہ اوھان ۽ اوھان جي اڳواڻن جيڪي ڪجھہ عيسيٰ سان ڪيو، سو اڻ⁠ڄاڻائيءَ جي ڪري ڪيو.

18. اھڙيءَ طرح خدا جيڪو اڳي سڀني نبين جي معرفت چيو ھو تہ ’سندس مسيح تڪليفون سھندو،‘ سو سچ ثابت ٿيو.

19. تنھنڪري توبھہ ڪريو ۽ خدا ڏانھن اچو تہ اوھان جا گناھہ ميٽجي وڃن،

20. تان تہ خداوند جي حضور مان تازگيءَ جا ڏينھن اچن ۽ ھو عيسيٰ کي موڪلي جيڪو اوھان لاءِ اڳي ئي مسيح مقرر ٿيل آھي.

21. ھو تيستائين ضرور آسمان ۾ رھندو، جيستائين سڀني ڳالھين جي وري نئين سر ٿيڻ جا ڏينھن اچن، جن بابت خدا پنھنجي پاڪ نبين جي معرفت گھڻو اڳي چيو ھو.

22. ڇاڪاڻ⁠تہ موسيٰ چيو ھو تہ ’خداوند اوھان جو خدا اوھان لاءِ اوھان مان مون جھڙو ھڪ نبي موڪليندو. اھو جيڪي ⁠بہ ڳالھيون اوھان کي ٻڌائي سي سڀ ٻڌجو.

23. جيڪو بہ انھيءَ نبيءَ جون ڳالھيون نہ ٻڌندو، سو سندس قوم کان ڌار ڪري برباد ڪيو ويندو.‘

24. سموئيل کان وٺي جيڪي ⁠بہ نبي آيا، تن مان جن جن بہ اڳڪٿي ڪئي تن سڀني ھنن ڏينھن جو ذڪر ڪيو آھي.

25. اوھين انھن نبين جا وارث ۽ انھيءَ عھد جا شريڪ آھيو جيڪو خدا اوھان جي ابن ڏاڏن سان ڪيو ھو، جيئن ھن ابراھيم کي چيو تہ ’تنھنجي اولاد جي وسيلي دنيا جي سڀني قومن کي برڪت ملندي.‘

26. انھيءَ ڪري خدا پنھنجي ٻانھي کي چونڊي پھريائين اوھان ڏانھن موڪليو تہ ھو اوھان کي اھا برڪت ڏئي جو اوھين سڀيئي بڇڙاين کان منھن موڙيو.“