نئين عهد نامي

رسولن جا ڪم 28:3-14 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

3. پولس ڪجھہ ڪاٺيون کڻي باھہ ۾ وڌيون تہ انھيءَ مان تپش جي ڪري ھڪڙو نانگ ٻاھر نڪتو، جيڪو پولس جي ھٿ ۾ چڪ پائي چنبڙي پيو.

4. جڏھن اتان جي رھاڪن ڏٺو تہ پولس جي ھٿ ۾ نانگ چنبڙيل آھي، تڏھن ھڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”پڪ ھي ماڻھو خوني آھي. جيتوڻيڪ ھو سمنڊ مان بچي نڪتو آھي، پر خدا جو قھر ھن کي جيئرو رھڻ نہ ڏيندو.“

5. پولس ھٿ ڇنڊي اھا بلا باھہ ۾ اڇلائي ڇڏي ۽ کيس بلا کان ڪوبہ ايذاءُ نہ پھتو.

6. اھي ھن انتظار ۾ ھئا تہ پولس سُڄي پوندو يا اوچتو ڪري مري ويندو. پر انھن جڏھن گھڻو وقت انتظار ڪيو ۽ ڏٺائون تہ ھن کي ڪجھہ بہ نہ ٿيو تہ ھنن پنھنجا خيال بدلايا ۽ چيائون تہ ”ھي ڪو ديوتا آھي.“

7. اتي ڀرسان ئي انھيءَ ٻيٽ جي سردار پبليس جي جاگير ھئي. ھن اسان جي سٺي آجيان ڪئي ۽ اسين ھن جا ٽي ڏينھن مھمان ٿي رھياسين.

8. پبليس جو پيءُ بخار ۽ پيچش جي ڪري بستري داخل ھو. پولس ھن جي ڪمري ۾ ويو ۽ دعا ڪيائين. پوءِ پنھنجا ھٿ مٿانئس رکيائين ۽ کيس شفا بخشيائين.

9. جڏھن ھي ڪم ٿيو تڏھن ٻيٽ ۾ جيڪي ⁠بہ بيمار ھئا، تن کي پولس وٽ آندو ويو تہ کين شفا ملي.

10. انھن اسان جي وڏي عزت ڪئي ۽ جڏھن اسان جو سامونڊي جھاز ھلڻ تي ھو تہ انھن اسان جي سفر ۾ ڪم ايندڙ شيون جھاز ۾ رکي ڇڏيون.

11. اھڙيءَ طرح ٽن مھينن کان پوءِ اسين اسڪندريہ جي ھڪڙي سامونڊي جھاز تي چڙھي روانا ٿياسين، جنھن جو نالو ”جوزا“ ھو. انھيءَ جھاز سڄو سيارو ٻيٽ ۾ گذاريو ھو.

12. پوءِ اسين سِراڪوسہ شھر ۾ اچي پھتاسون ۽ اتي ٽي ڏينھن رھياسين.

13. اتان وري اسان پنھنجو سفر شروع ڪيو ۽ ريگيوم شھر ۾ پھتاسين. ٻئي ڏينھن ڏکڻ جو واءُ گھلڻ لڳو ۽ اسين ٻن ڏينھن ۾ پُتيُلي شھر ۾ آياسين.

14. اسان کي اتي ڪي ڀائر مليا جن چيو تہ ”ھڪ ھفتو اسان وٽ ترسو.“

مڪمل باب پڙهڻ رسولن جا ڪم 28