نئين عهد نامي

رسولن جا ڪم 28:18-30 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

18. انھن مون کان سوال پڇيا ۽ مرضي ھئن تہ مون کي آزاد ڪن، ڇاڪاڻ⁠تہ انھن کي خبر پئجي ويئي تہ مون ڪو اھڙو ڪم نہ ڪيو ھو جنھن سبب مون کي موت جي سزا ملي.

19. انھيءَ لاءِ ⁠نہ⁠تہ پنھنجي قوم تي ڪا تھمت ھڻان، پر جڏھن يھودين ھن فيصلي تي اعتراض ڪيو تڏھن لاچار ٿي مون کي قيصر وٽ اپيل ڪرڻي پيئي.

20. اھو ئي سبب ھو جو مون اوھان کي پاڻ وٽ گھرايو آھي تہ اوھان سان ملان ۽ ويھي ڳالھہ ٻولھہ ڪريان. مون کي مسيح جي خاطر زنجيرن ۾ ٻڌو اٿن، جنھن تي بني اسرائيل اميد رکن ٿا.“

21. انھن کيس چيو تہ ”يھوديہ مان اسان کي تنھنجي باري ۾ ڪو خط پٽ نہ مليو آھي ۽ نہ ئي آيل ڀائرن مان ڪنھن تو بابت ڪجھہ ٻڌايو آھي يا تنھنجي ڪا گلا ڪئي آھي.

22. پر اسين تنھنجا خيال ٻڌڻ گھرون ٿا، ڇالاءِ⁠جو اسان کي خبر آھي تہ جنھن فرقي سان تون واسطو رکين ٿو، تنھن فرقي جي جتي ڪٿي مخالفت ھلي ٿي.“

23. سو انھن پولس سان تاريخ مقرر ڪئي ۽ انھن جو وڏو تعداد انھيءَ جاءِ تي آيو، جتي پولس ٽڪيل ھو. صبح کان شام تائين ھو کين سمجھائيندو ۽ خدا جي بادشاھت بابت پنھنجو پيغام ٻڌائيندو رھيو. ھن عيسيٰ بابت کين قائل ڪرڻ لاءِ موسيٰ جي شريعت ۽ نبين جي صحيفن مان مثال ٻڌايا.

24. انھن مان ڪي سندس پيغام ٻڌي قائل ٿيا، پر ٻين ايمان نہ آندو.

25. ھو پاڻ ۾ بہ يڪراءِ نہ ٿيا ۽ وڃڻ تي ھئا، تہ پولس ھيءَ ھڪڙي ڳالھہ چين تہ ”پاڪ روح يسعياہ نبيءَ جي معرفت اوھان جي ابن ڏاڏن کي چڱو چيو ھو تہ

26. ’تون وڃي ھن قوم کي ھيئن چئُہ تہ اوھين ٻڌندا پر سمجھندا ڪين.اوھين نھاريندا پر ڏسندا ڪين.

27. ڇالاءِ⁠جو ھن قوم جي عقل تي تالو لڳايو ويو آھي،۽ اھي ڪنن کان گھٻرا ٿي پيا آھن.انھن پنھنجون اکيون پوري ڇڏيون آھن،تہ متان اھي پنھنجن اکين سان ڏسن،متان اھي پنھنجن ڪنن سان ٻڌن،متان اھي پنھنجي عقل سان سمجھن۽ مون آڏو توبھہ⁠تائب ٿين تہ آءٌ کين ڇٽائي چڱو ڀلو ڪريان.‘“

30. پولس ٻہ ورھيہ انھيءَ جاءِ ۾ رھيو، جيڪا ھن پنھنجي لاءِ مسواڙ تي ورتي ھئي. ھو انھن جي آجيان ڪندو ھو جيڪي ساڻس ملڻ ايندا ھئا.

مڪمل باب پڙهڻ رسولن جا ڪم 28