نئين عهد نامي

رسولن جا ڪم 27:35-44 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

35. جڏھن اھو چئي چڪو تہ ماني کڻي سڀني جي اڳيان خدا جو شڪر ڪندي گرھہ ڀڃي کاڌائين.

36. پوءِ ٻين کي بہ دلجاءِ ٿي ۽ ماني کاڌائون.

37. جھاز تي اسين مڙيئي ٻہ سو ڇاھتر ماڻھو سوار ھئاسين.

38. جڏھن انھن کائي ڍءُ ڪيو تہ جھاز تان بار ھلڪو ڪرڻ لاءِ ھنن سموري ڪڻڪ سمنڊ ۾ ڦٽي ڪئي.

39. جڏھن ڏينھن ٿيو تہ خلاصين کي ڪنارو سڃاڻڻ ۾ نہ آيو، پر انھن ھڪ سامونڊي کاري ڏٺي، جنھن جو ڪنارو صاف ھو. سو ھو پاڻ ۾ صلاح ڪرڻ لڳا تہ جيڪڏھن ٿي سگھي تہ جھاز کي انھيءَ ڪناري تي وڃي بيھارجي.

40. پوءِ تہ لنگر ڇوڙي سمنڊ ۾ ڦٽا ڪيائون، ونجھن جا رسا بہ کولي ڇڏيائون ۽ آڳيل وارو سڙھہ واءُ جي رخ تي چاڙھي ڪناري ڏانھن وڌڻ لڳا.

41. تڏھن جھاز ھڪڙي ھنڌ اچي واريءَ ۾ ڦاٿو جو سندس آڳيل قابو ٿي پيئي، پر پاڇيل ڇولين جي سٽڪي لڳڻ ڪري ڀڄڻ لڳي.

42. سپاھين پاڻ ۾ صلاح ڪئي تہ قيدين کي ماري ڇڏجي، متان انھن منجھان ڪو تري ڀڄي نہ وڃي.

43. پر صوبيدار جي دل گھريو ٿي تہ ڪنھن طرح پولس کي بچائي، تنھنڪري ھنن کي انھيءَ ارادي کان روڪيائين ۽ حڪم ڏنائين تہ ”جيڪي ماڻھو تري سگھن ٿا سي پھريائين جھاز مان ٽپو ڏيئي سمنڊ ۾ پون ۽ ڪناري تي وڃي پھچن،

44. ۽ باقي ڪي تختن تي، ڪي جھاز جي ترندڙ شين تي نڪري وڃن.“ نيٺ ٿيو بہ ائين جو سڀيئي صحيح سلامت وڃي سڪيءَ تي پھتا.

مڪمل باب پڙهڻ رسولن جا ڪم 27