نئين عهد نامي

رسولن جا ڪم 27:29-44 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

29. سو ھنن کي ڊپ ٿيو تہ متان ڪنھن ٽڪرائتي ڪناري سان نہ وڃي لڳن. تنھنڪري ھو جھاز جي پاڇيل جا چار لنگر لاھي خدا خدا ڪرڻ لڳا تہ ڏينھن ٿئي.

30. خلاصين اھا ڪوشش ڪئي تہ جھاز مان ڀڄي وڃن ۽ انھيءَ ڪوشش ۾ انھن ٻيڙي بہ سمنڊ ۾ لاھي ڇڏي ۽ اھو بھانو بڻايائون تہ ”اسين جھاز جي آڳيل تان لنگر ٿا لاھيون.“

31. تنھن تي پولس صوبيدار ۽ سپاھين کي چيو تہ ”جيڪڏھن ھي خلاصي جھاز تي نہ رھندا تہ اوھين بچي نہ سگھندا.“

32. سو سپاھين ٻيڙيءَ جا پڳھہ ڇوڙي ڇڏيا تہ ھلي وڃي.

33. جڏھن صبح ٿيڻ وارو ھو تہ پولس سڀني کي ڪجھہ کاڌو کائڻ لاءِ عرض ڪيو ۽ چيائين تہ ”اوھين چوڏھن ڏينھن تائين خوف ۽ خطري جي حالت ۾ رھيا آھيو ۽ ايترو وقت اوھان ڪجھہ بہ نہ کاڌو آھي.

34. آءٌ اوھان کي عرض ٿو ڪريان تہ مھرباني ڪري ڪجھہ کائو، تہ جيئن اوھان جي جان بچي. ھاڻ اوھان جو وار بہ ونگو نہ ٿيندو.“

35. جڏھن اھو چئي چڪو تہ ماني کڻي سڀني جي اڳيان خدا جو شڪر ڪندي گرھہ ڀڃي کاڌائين.

36. پوءِ ٻين کي بہ دلجاءِ ٿي ۽ ماني کاڌائون.

37. جھاز تي اسين مڙيئي ٻہ سو ڇاھتر ماڻھو سوار ھئاسين.

38. جڏھن انھن کائي ڍءُ ڪيو تہ جھاز تان بار ھلڪو ڪرڻ لاءِ ھنن سموري ڪڻڪ سمنڊ ۾ ڦٽي ڪئي.

39. جڏھن ڏينھن ٿيو تہ خلاصين کي ڪنارو سڃاڻڻ ۾ نہ آيو، پر انھن ھڪ سامونڊي کاري ڏٺي، جنھن جو ڪنارو صاف ھو. سو ھو پاڻ ۾ صلاح ڪرڻ لڳا تہ جيڪڏھن ٿي سگھي تہ جھاز کي انھيءَ ڪناري تي وڃي بيھارجي.

40. پوءِ تہ لنگر ڇوڙي سمنڊ ۾ ڦٽا ڪيائون، ونجھن جا رسا بہ کولي ڇڏيائون ۽ آڳيل وارو سڙھہ واءُ جي رخ تي چاڙھي ڪناري ڏانھن وڌڻ لڳا.

41. تڏھن جھاز ھڪڙي ھنڌ اچي واريءَ ۾ ڦاٿو جو سندس آڳيل قابو ٿي پيئي، پر پاڇيل ڇولين جي سٽڪي لڳڻ ڪري ڀڄڻ لڳي.

42. سپاھين پاڻ ۾ صلاح ڪئي تہ قيدين کي ماري ڇڏجي، متان انھن منجھان ڪو تري ڀڄي نہ وڃي.

43. پر صوبيدار جي دل گھريو ٿي تہ ڪنھن طرح پولس کي بچائي، تنھنڪري ھنن کي انھيءَ ارادي کان روڪيائين ۽ حڪم ڏنائين تہ ”جيڪي ماڻھو تري سگھن ٿا سي پھريائين جھاز مان ٽپو ڏيئي سمنڊ ۾ پون ۽ ڪناري تي وڃي پھچن،

44. ۽ باقي ڪي تختن تي، ڪي جھاز جي ترندڙ شين تي نڪري وڃن.“ نيٺ ٿيو بہ ائين جو سڀيئي صحيح سلامت وڃي سڪيءَ تي پھتا.

مڪمل باب پڙهڻ رسولن جا ڪم 27