نئين عهد نامي

رسولن جا ڪم 27:19-31 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

19. ۽ ايندڙ ڏينھن تي انھن پنھنجن ھٿن سان جھاز جو سڙھہ لاھي ڦٽو ڪيو.

20. ڪيترن ئي ڏينھن تائين اسان کي سج، چنڊ ۽ تارا نظر نہ آيا ۽ تيز ھوائون گھلنديون رھيون. آخرڪار اسان پنھنجي حياتيءَ کان نااميد ٿي وياسين.

21. جڏھن ماڻھن کي کاڌي کان سواءِ ڪيترائي ڏينھن گذري ويا، تڏھن پولس انھن جي اڳيان اٿي بيھي چيو تہ ”دوستو! جيڪڏھن اوھين منھنجي صلاح مڃيو ھا ۽ ڪريتيءَ وٽان نہ ھلو ھا تہ ھي نقصان ۽ تڪليف اسان کي نہ رسي ھا.

22. ھاڻي آءٌ اوھان کي صلاح ٿو ڏيان تہ دل نہ لاھيو، ڇالاءِ⁠جو اوھان مان ڪنھن کي بہ جيءَ جو جوکو نہ ٿيندو، رڳو جھاز تباھہ ٿيندو.

23. ڇاڪاڻ⁠تہ جنھن خدا جو آءٌ ٻانھو آھيان ۽ جنھن جي آءٌ عبادت ٿو ڪريان، تنھن جو ملائڪ رات منھنجي ڀرسان اچي بيٺو

24. ۽ چيائين تہ ’اي پولس! ڊڄ نہ، تون ضرور قيصر جي اڳيان پيش ٿيندين ۽ ڏس، ھي جيڪي ماڻھو جھاز ۾ تو سان گڏ آھن، تن سڀني کي خدا تنھنجي خاطر بچايو آھي.‘

25. تنھنڪري دوستو! دلجاءِ ڪريو، ڇالاءِ⁠جو منھنجو خدا تي پورو يقين آھي تہ جيئن مون کي چيو اٿس تيئن ئي ٿيندو،

26. ۽ ضرور اسين ڪنھن ٻيٽ تي وڃي پھچنداسين.“

27. چوڏھينءَ جي رات ھئي جو اسين انھيءَ طوفان سان ڌڪجي وڃي ڀونوچ سمنڊ ۾ پياسين، اٽڪل اڌ رات جو وقت ھو جو خلاصين کي اھو گمان ويٺو تہ اسين شايد ڪنھن سڪيءَ جي علائقي کي ويجھا ٿيندا ٿا وڃون.

28. ھنن پاڻيءَ جي اونھائي ماپي تہ ھڪ ھنڌ چاليھہ ميٽر ٿي ۽ ٿورو اڳڀرو وڃي ماپيائون تہ اھا ٽيھہ ميٽر ٿي.

29. سو ھنن کي ڊپ ٿيو تہ متان ڪنھن ٽڪرائتي ڪناري سان نہ وڃي لڳن. تنھنڪري ھو جھاز جي پاڇيل جا چار لنگر لاھي خدا خدا ڪرڻ لڳا تہ ڏينھن ٿئي.

30. خلاصين اھا ڪوشش ڪئي تہ جھاز مان ڀڄي وڃن ۽ انھيءَ ڪوشش ۾ انھن ٻيڙي بہ سمنڊ ۾ لاھي ڇڏي ۽ اھو بھانو بڻايائون تہ ”اسين جھاز جي آڳيل تان لنگر ٿا لاھيون.“

31. تنھن تي پولس صوبيدار ۽ سپاھين کي چيو تہ ”جيڪڏھن ھي خلاصي جھاز تي نہ رھندا تہ اوھين بچي نہ سگھندا.“

مڪمل باب پڙهڻ رسولن جا ڪم 27