نئين عهد نامي

رسولن جا ڪم 27:12-20 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

12. جيئن تہ اھو بندر سياري گذارڻ لاءِ چڱو نہ ھو، تنھنڪري گھڻن اھا صلاح ڏني تہ ھتان اڳتي ھلجي ۽ جي ٿي سگھي تہ سيارو ھلي فينڪس ۾ گذارجي، جيڪو ڪريتيءَ جو بندر آھي ۽ سندس رخ اتر الھندي ۽ ڏکڻ الھندي ڏانھن آھي.

13. جڏھن ڏکڻ جو واءُ آھستي آھستي گھلڻ لڳو، تڏھن ھنن سمجھيو تہ سندن مطلب پورو ٿيو. تنھنڪري ھو جھاز جا لنگر کڻي ڪريتيءَ جو ڪنارو ڏيئي ھليا.

14. اڃا ٿورو وقت ئي ڪين گذريو تہ سمنڊ ۾ ھڪ سخت موسمي طوفان اچي ڪڙڪيو، جنھن کي ”يُوراڪُلون“چون ٿا.

15. جڏھن جھاز ڦاسي پيو ۽ واءُ جي سامھون ھلي نہ سگھيو، تڏھن لاچار ٿي اسان کيس واءُ جي حوالي ڪري ڇڏيو ۽ ڌڪبا پئي وياسين.

16. ڪودہ نالي ھڪڙي ننڍڙي ٻيٽ جي آڙ ۾ لنگھندي وڏيءَ ڪوشش سان بچاءَ ٻيڙيءَ کي بچائي ورتوسين.

17. تڏھن ملاحن انھيءَ ٻيڙيءَ کي جھاز ۾ چاڙھي، جھاز کي ھيٺين پاسي کان رسا ٻڌي مضبوط ڪيو، پر پوءِ اچي کين ڊپ ورتو تہ متان اڳتي ھلي پاڻيءَ ھيٺان سورتس واريءَ ۾ ڦاسي پئون. تنھنڪري جھاز جو سڙھہ ھيٺ لاٿائون ۽ پوءِ ڇولين جي رحم ڪرم تي ڌڪبا وياسون.

18. جڏھن طوفان اسان کي تمام گھڻي تڪليف ڏني تڏھن ٻئي ڏينھن تي انھن جھاز جو سامان اڇلائڻ شروع ڪيو،

19. ۽ ايندڙ ڏينھن تي انھن پنھنجن ھٿن سان جھاز جو سڙھہ لاھي ڦٽو ڪيو.

20. ڪيترن ئي ڏينھن تائين اسان کي سج، چنڊ ۽ تارا نظر نہ آيا ۽ تيز ھوائون گھلنديون رھيون. آخرڪار اسان پنھنجي حياتيءَ کان نااميد ٿي وياسين.

مڪمل باب پڙهڻ رسولن جا ڪم 27