نئين عهد نامي

رسولن جا ڪم 26:11-22 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

11. سڀني يھودي عبادت⁠خانن ۾ گھڻا ئي دفعا انھن کي سزا ڏياري زوريءَ کانئن ڪفر بڪائيندو ھوس، بلڪ انھن جي خلاف اھڙو تہ ڇتو ٿي لڳو ھوس جو ٻاھرين شھرن ۾ بہ وڃي کين ستائيندو ھوس.“

12. ”انھيءَ ڪم لاءِ ھڪڙي دفعي آءٌ سردار ڪاھنن کان اختياريءَ جو پروانو وٺي دمشق ڏانھن پئي ويس.

13. اي بادشاھہ سلامت! ٻنپھرن جو وقت ھو جو رستي ويندي مون آسمان مان ھڪڙي روشني ڏٺي جيڪا سج کان بہ وڌيڪ تجليدار ھئي، سا مون تي ۽ منھنجي ساٿين تي اچي چمڪي.

14. اسين سڀ زمين تي ڪري پياسين تہ ان وقت مون عبراني ٻوليءَ ۾ ھڪ آواز ٻڌو تہ ’اي شائول! اي شائول! تون مون کي ڇو ٿو ستائين؟ ڏاند وانگر پنھنجي مالڪ جي لٺ آڏو لت کڻي تون پاڻ کي نقصان ڇو ٿو پھچائين؟‘

15. مون پڇيو تہ ’خداوند! تون ڪير آھين؟‘ تنھن تي خداوند وراڻيو تہ ’آءٌ عيسيٰ آھيان، جنھن کي تون ستائين پيو.

16. پر ھاڻي اٿ ۽ سڌو ٿي بيھہ. مون ھن مقصد لاءِ تو کي ڏيکاري ڏني آھي تہ آءٌ تو کي پنھنجو ٻانھو ۽ شاھد مقرر ڪريان، تہ جيئن ٻين کي ٻڌائين تہ ڪيئن تو اڄ مون کي ڏٺو آھي ۽ آئيندہ جيڪي ڳالھيون تو کي ڏيکاريندو رھندس سي بہ کين ٻڌائين.

17. آءٌ تو کي تنھنجي قوم ۽ غير قومن کان بچائيندس، جن ڏانھن تو کي موڪليندس.

18. تو کي انھن جون اکيون کولڻيون آھن. انھن کي اونداھيءَ مان ڪڍي روشنيءَ ۾ آڻڻو آھي. کين شيطان جي چنبي کان آزاد ڪري خدا ڏانھن موڙڻو آھي، تہ جيئن اھي مون تي ايمان آڻين ۽ گناھن جي معافي ملين ۽ ھو خدا جي پنھنجي قوم ۾ ليکيا وڃن.‘“

19. ”سو اي بادشاھہ اگرپا! مون جيڪا آسمان مان رويا ڏٺي، تنھن کان منھن نہ موڙيو اٿم.

20. پھريائين دمشق، پوءِ يروشلم، يھوديہ جي سڄي علائقي ۽ غيرقومن ۾ مون اھا تبليغ ڪئي تہ اھي پنھنجن گناھن کان توبھہ ڪري خدا ڏانھن ڦرن ۽ اھڙا ڪم ڪن جن مان خبر پوي تہ ھنن سچ⁠پچ توبھہ ڪئي آھي.

21. اھو ئي سبب ھو جو يھودين مون کي ھيڪل ۾ گرفتار ڪيو ۽ مون کي مارڻ جي ڪوشش ڪئي.

22. پر اڄ تائين خدا جي مدد مون ساڻ آھي، سو آءٌ پنھنجيءَ ڳالھہ تي قائم آھيان ۽ ھر غريب توڙي امير جي اڳيان ھڪ جھڙي شاھدي ٿو ڏيان. آءٌ رڳو اھي ڳالھيون ٿو ٻڌايان، جن بابت موسيٰ ۽ ٻيا نبي چئي ويا آھن تہ اھي ضرور ٿينديون.

مڪمل باب پڙهڻ رسولن جا ڪم 26