بابن

  1. 1
  2. 2
  3. 3
  4. 4
  5. 5
  6. 6
  7. 7
  8. 8
  9. 9
  10. 10
  11. 11
  12. 12
  13. 13
  14. 14
  15. 15
  16. 16
  17. 17
  18. 18
  19. 19
  20. 20
  21. 21
  22. 22
  23. 23
  24. 24
  25. 25
  26. 26
  27. 27
  28. 28

نئين عهد نامي

رسولن جا ڪم 25 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

پولس جي شھنشاھہ کي اپيل

1. ھن علائقي ۾ پھچڻ کان ٽي ڏينھن پوءِ فيستس قيصريہ کان يروشلم ڏانھن ويو.

2. سردار ڪاھنن ۽ يھودين جي بزرگن فيستس وٽ وڃي پولس جي خلاف دانھن ڏني ۽ عرض ڪيائونس تہ

3. ”اوھين مھرباني ڪري پولس کي يروشلم ۾ گھرايو.“ ڇالاءِ⁠جو ھنن وجھہ پئي ڳوليو تہ پولس کي رستي ۾ ئي ماري کپائي ڇڏين.

4. پر فيستس کين جواب ڏنو تہ ”پولس قيصريہ ۾ نظربند آھي ۽ آءٌ پاڻ اوڏانھن وڃڻ وارو آھيان.

5. اوھان مان جيڪي معتبر آھن، سي مون سان گڏجي ھلن ۽ جيڪڏھن انھيءَ ماڻھوءَ ڪو ڏوھہ ڪيو ھوندو تہ پوءِ ڀلي مٿس الزام ھڻن.“

6. فيستس اٺ ڏھہ ڏينھن کن اتي گذاريا ۽ پوءِ قيصريہ ڏانھن ھليو ويو. ٻئي ڏينھن تي جج جي ڪرسيءَ تي ويھي حڪم ڏنائين تہ ”پولس کي اندر آڻيو.“

7. جڏھن پولس پھتو تڏھن يھودي جيڪي يروشلم کان آيا ھئا، سي چوگرد ڦري آيس ۽ مٿس ڏاڍيون سخت تھمتون ھنيائون، پر انھن جي ثابتي نہ ڏيئي سگھيا.

8. پولس پنھنجي بچاءَ ۾ چيو تہ ”مون يھودين جي شريعت جو، ھيڪل جو يا قيصر جو ڪوبہ ڏوھہ ڪونہ ڪيو آھي.“

9. فيستس يھودين کي راضي ڪرڻ لاءِ پولس کان پڇيو تہ ”ڇا تون يروشلم ڏانھن ھلندين تہ جيئن اتي منھنجي اڳيان ھنن ڳالھين جو فيصلو ٿئي؟“

10. پولس وراڻيو تہ ”آءٌ قيصر جي ڪورٽ اڳيان بيٺو آھيان، تنھنڪري منھنجو فيصلو بہ ھتي ٿيڻ گھرجي. اوھين چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا تہ مون يھودين جو ڪوبہ ڏوھہ ڪونہ ڪيو آھي.

11. جيڪڏھن آءٌ ڏوھدار آھيان ۽ موت جي سزا جوڳو ڪم ڪيو اٿم تہ مون کي مرڻ کان انڪار ڪونہ آھي. پر جن ڳالھين جي اھي مون تي تھمت ھڻن ٿا، سي سچيون ڪين آھن. پوءِ ڪنھن بہ ماڻھوءَ کي اھو حق نہ آھي تہ ھو مون کي انھن جي حوالي ڪري. تنھنڪري آءٌ قيصر وٽ اپيل ٿو ڪريان.“

12. تنھن تي فيستس پنھنجن صلاحڪارن سان صلاح مصلحت ڪري وراڻيو تہ ”تو قيصر وٽ اپيل ڪئي آھي، تنھنڪري تو کي قيصر وٽ وڃڻو پوندو.“

پولس اگرپا ۽ برنيڪيءَ اڳيان

13. ڪن ڏينھن کان پوءِ اگرپا بادشاھہ ۽ سندس ڀيڻ برنيڪي قيصريہ ۾ فيستس سان ملاقات ڪرڻ لاءِ آيا.

14. ھو ڪيترائي ڏينھن اتي ٽڪيا پيا ھئا، سو فيستس پولس جي ڪيس جو احوال بادشاھہ کي ٻڌائيندي چيو تہ ”ھڪڙو شخص آھي، جنھن کي فِيلِڪس جيل ۾ ڇڏي ھليو ويو آھي.

15. جڏھن آءٌ يروشلم ۾ ھوس تڏھن انھيءَ ماڻھوءَ جي خلاف سردار ڪاھن ۽ يھودين جي بزرگن مون کي دانھن ڏني ھئي ۽ عرض ڪيو ھئائون تہ آءٌ کيس سزا ڏيان.

16. پر مون کين جواب ڏنو تہ جيستائين جوابدار فريادين جي روبرو نہ ٿئي ۽ جيڪو الزام ھو مٿس ھڻن ٿا تنھن جي بچاءَ ۾ بيان ڏيڻ جو موقعو نہ مليس، تيستائين کيس سزا ڏيڻ رومين جي دستور ۾ نہ آھي.

17. سو جڏھن ھو ھتي اچي گڏ ٿيا تڏھن مون دير ڪانہ ڪئي، بلڪ ٻئي ڏينھن تي ڪورٽ ۾ جج جي ڪرسيءَ تي ويھي مون حڪم ڏنو تہ ’انھيءَ ماڻھوءَ کي وٺي اچو.‘

18. پر جڏھن سندس مخالف اٿي بيٺا، تڏھن انھن مٿس اھڙو ڪوبہ الزام ڪونہ ھنيو جن ڏوھن جو مون کي گمان ھو.

19. پر ھنن ساڻس پنھنجي دين ۽ عيسيٰ نالي ھڪڙي شخص بابت تڪرار ٿي ڪيو، جيڪو مري ويو ھو ۽ پولس چوي ٿو تہ ھو جيئرو آھي.

20. مون کي سمجھہ ۾ نہ آيو تہ انھن ڳالھين جي صحيح جاچ ڪيئن ڪجي. تنھنڪري مون پولس کان پڇيو تہ ’ڇا تون يروشلم ڏانھن وڃڻ ۾ راضي آھين تہ جيئن اتي انھن ڳالھين جو فيصلو ٿئي؟‘

21. پر جڏھن پولس اپيل ڪئي تہ سندس ڪيس جو فيصلو قيصر جي ڪورٽ ۾ ٿئي، تڏھن مون حڪم ڏنو تہ جيستائين آءٌ کيس قيصر ڏانھن نہ موڪليان تيستائين ھو نظربند رھي.“

22. تنھن تي اگرپا فيستس کي چيو تہ ”منھنجي پاڻ اھا مرضي آھي تہ آءٌ انھيءَ ماڻھوءَ جون ڳالھيون ٻڌان.“ فيستس کيس وراڻيو تہ ”اوھين سڀاڻي ئي کڻي ھن جون ڳالھيون ٻڌجو.“

23. ٻئي ڏينھن تي اگرپا ۽ برنيڪي وڏي شان وَ شوڪت سان درٻار ھال ۾ داخل ٿيا. ھنن سان فوجي ڪپتان ۽ معزز شھري بہ ساڻ ھئا. فيستس حڪم ڏنو تہ ”پولس کي اندر آندو وڃي.“

24. پوءِ فيستس چوڻ لڳو تہ ”اي بادشاھہ اگرپا ۽ معزز حاضرين! ھن شخص ڏانھن ڏسو، جنھن بابت يھودين جي سڄي خلق ھتي قيصريہ ۾ ۽ يروشلم ۾ مون وٽ فرياد ڪئي ۽ واڪا ڪري چيائون تہ ’ھن ماڻھوءَ کي جيئرو نہ ڇڏيو.‘

25. پر مون کي خبر پيئي تہ ھن شخص اھڙو ڪوبہ ڏوھہ نہ ڪيو آھي جو کيس موت جي سزا ڏجي. ھن پاڻ شھنشاھہ وٽ اپيل ڪئي، جنھن ڪري مون فيصلو ڪيو تہ کيس اوڏانھن موڪليان.

26. پر ھن بابت ڪابہ پڪي خبر نہ آھي، جا آءٌ شھنشاھہ ڏانھن لکي موڪليان. تنھنڪري مون ھن کي اوھان سڀني جي اڳيان ۽ خاص ڪري اي بادشاھہ اگرپا! اوھان جي اڳيان حاضر ڪيو اٿم. سو اوھين ھن ڪيس جي جاچ ڪريو تہ جيئن آءٌ ڪجھہ لکي سگھان.

27. ڇالاءِ⁠جو اھو غيرواجبي آھي جو آءٌ ھڪ قيديءَ کي تہ موڪليان، پر مٿس جيڪي الزام لڳل آھن، تن بابت چٽيءَ طرح سان نہ لکان.“