نئين عهد نامي

رسولن جا ڪم 23:33-35 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

33. انھن قيصريہ ۾ پھچي گورنر کي خط ڏنو ۽ پولس کي بہ سندس حوالي ڪيائون.

34. گورنر خط پڙھيو ۽ پولس کان پڇيائين تہ ”تون ڪھڙي علائقي جو رھاڪو آھين؟“ جڏھن کيس خبر پيئي تہ ھو ڪلڪيا جو رھاڪو آھي،

35. تڏھن چيائينس تہ ”آءٌ تنھنجو بيان انھيءَ مھل وٺندس، جڏھن تنھنجا مخالف پھچندا.“ پوءِ ھن حڪم ڏنو تہ ”پولس کي گورنر جي محلات ۾ پھري ھيٺ رکو.“

مڪمل باب پڙهڻ رسولن جا ڪم 23