نئين عهد نامي

رسولن جا ڪم 23:23-26 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

23. پوءِ ڪپتان ٻن صوبيدارن کي پاڻ وٽ گھرائي حڪم ڏنو تہ ”ٻہ ⁠سؤ سپاھي، ستر گھوڙيسوار ۽ ٻہ ⁠سؤ نيزي⁠بردار تيار ڪريو تہ ھو رات جو ھڪ پھر گذرڻ کان پوءِ قيصريہ ڏانھن وڃن.“

24. کين ھي بہ چيائين تہ ”پولس جي سواريءَ لاءِ گھوڙن جو انتظام ڪجو، تہ جيئن ھن کي گورنر فِيلِڪس وٽ صحيح سلامت وٺي وڃجي.“

25. پوءِ ڪپتان کين ھي خط لکي ڏنو تہ

26. ”جناب گورنر فِيلِڪس صاحب بھادر!بعد سلامن جي ڪلوديس لوسياس لکي ٿو تہ

مڪمل باب پڙهڻ رسولن جا ڪم 23