نئين عهد نامي

رسولن جا ڪم 23:15-30 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

15. سو ھاڻي اوھين ڪائونسل وارن سان گڏجي بھانو ڪري ڪپتان کي عرض ڪريو تہ ھو پولس کي وڌيڪ جاچ لاءِ اوھان وٽ موڪلي، پوءِ ھو اوھان وٽ پھچندو ئي ڪين تہ اسان کيس ماري وجھنداسون.“

16. پر پولس جي ڀاڻيجي جڏھن انھيءَ سازش بابت ٻڌو، تڏھن قلعي ۾ اچي پولس کي اھا ڳالھہ ٻڌايائين.

17. تنھن تي پولس صوبيدارن مان ھڪڙي کي پاڻ وٽ سڏي عرض ڪيو تہ ”ھن جوان کي ڪپتان وٽ وٺي وڃو، جو کيس ڪجھہ چوڻو آھي.“

18. اھو صوبيدار انھيءَ جوان کي ڪپتان وٽ وٺي ويو ۽ کيس ٻڌايائين تہ ”قيديءَ پولس مون کي سڏ ڪري عرض ڪيو تہ ھن جوان کي اوھان وٽ وٺي اچان، جو کيس اوھان سان ڪجھہ ڳالھائڻو آھي.“

19. ڪپتان انھيءَ جوان کي ھٿ کان وٺي پاسي تي نويڪلائيءَ ۾ وٺي ويو ۽ پڇيائينس تہ ”تو کي مون سان ڇا ڳالھائڻو آھي؟“

20. تنھن تي ھن چيو تہ ”يھودين پاڻ ۾ سازش سٽي آھي تہ اوھان کي عرض ڪن تہ سڀاڻي پولس کي ڪائونسل ۾ وٺي اچو، ڄڻ تہ ان بابت کين وڌيڪ صحيح جاچ ڪرڻي آھي.

21. پر اوھين سندن چيو نہ مڃجو، ڇالاءِ⁠جو يھودين جا چاليھن کان بہ وڌيڪ ماڻھو رستي تي لڪا ويٺا آھن، جن قسم کنيو آھي تہ جيسين ھو پولس کي نہ ماريندا تيسين نڪي کائيندا نڪي پيئندا. سو ھو ھاڻي سنبريا ويٺا آھن، رڳو تنھنجي فيصلي جو انتظار اٿن.“

22. تنھن تي ڪپتان چيس تہ ”اھي ڳالھيون تون ڪنھن کي بہ نہ ٻڌائجانءِ، جيڪي مون کي ٻڌايون اٿيئي.“ پوءِ جوان کي موڪل ڏيئي ڇڏيائين.

23. پوءِ ڪپتان ٻن صوبيدارن کي پاڻ وٽ گھرائي حڪم ڏنو تہ ”ٻہ ⁠سؤ سپاھي، ستر گھوڙيسوار ۽ ٻہ ⁠سؤ نيزي⁠بردار تيار ڪريو تہ ھو رات جو ھڪ پھر گذرڻ کان پوءِ قيصريہ ڏانھن وڃن.“

24. کين ھي بہ چيائين تہ ”پولس جي سواريءَ لاءِ گھوڙن جو انتظام ڪجو، تہ جيئن ھن کي گورنر فِيلِڪس وٽ صحيح سلامت وٺي وڃجي.“

25. پوءِ ڪپتان کين ھي خط لکي ڏنو تہ

26. ”جناب گورنر فِيلِڪس صاحب بھادر!بعد سلامن جي ڪلوديس لوسياس لکي ٿو تہ

27. ھن ماڻھوءَ کي يھودين پڪڙيو ھو ۽ ذري گھٽ مارڻ تي ھيس جو آءٌ سپاھين کي وٺي وڃي اتي پھتس ۽ يھودين کان بچايومانس، ڇالاءِ⁠جو مون کي خبر پئجي ويئي تہ ھو رومي آھي.

28. آءٌ کيس انھن جي وڏي ڪائونسل ۾ وٺي آيس تہ جيئن مون کي خبر پوي تہ اھي مٿس ڪھڙو ڏوھہ ٿا مڙھين.

29. پوءِ مون کي خبر پيئي تہ يھودين پنھنجي شريعت جي ئي ڳالھين ڪري ھن تي تھمت ھنئي آھي. پر ھن تي ڪو اھڙو الزام نہ ھنيو اٿن جو کيس موت يا قيد جي سزا ڏجي.

30. جڏھن مون کي معلوم ٿيو تہ ھن ماڻھوءَ جي خلاف ھڪ سازش سٽي ويئي آھي، تڏھن کيس ھڪدم اوھان ڏانھن ڏياري موڪليم ۽ سندس مخالفن کي حڪم ڏنم تہ جيڪڏھن انھن کي ھن جي خلاف ڪجھہ چوڻو آھي تہ اوھان وٽ اچي چون.“

مڪمل باب پڙهڻ رسولن جا ڪم 23