نئين عهد نامي

رسولن جا ڪم 23:1-6 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

1. پولس ڪائونسل ڏانھن چتائي نھاريو ۽ چيائين تہ ”اي ڀائرؤ! اڄ تائين مون پنھنجي سڄي حياتي خدا جي حضور ۾ پوري نيڪ⁠نيتيءَ سان پئي گذاري آھي.“

2. تنھن تي وڏي سردار ڪاھن حنانياہ اتي بيٺل ماڻھن کي حڪم ڏنو تہ ”پولس کي وات وارو ڌڪ ھڻو.“

3. تڏھن پولس ھن کي چيو تہ ”خدا يقيناً تو کي بہ ڌڪ ھڻندو اي اندر ڪارا! ڇا تون منھنجو فيصلو شريعت موجب ٿو ڪرين؟ نہ، تون تہ شريعت جي خلاف مون کي مار ڏيارڻ جو حڪم ٿو ڏئين.“

4. تنھن تي جيڪي ماڻھو پولس جي ڀرسان بيٺا ھئا، تن چيس تہ ”تون خدا جي وڏي سردار ڪاھن کي گھٽ⁠وڌ ٿو ڳالھائين!“

5. پولس وراڻيو تہ ”ڀائرؤ! مون نہ ٿي ڄاتو تہ ھو ڪو وڏو سردار ڪاھن آھي. پاڪ ڪتاب ۾ لکيل آھي تہ ’تون پنھنجي قوم جي سردار جي گلا نہ ڪر.‘“

6. جڏھن پولس ڏٺو تہ ڪائونسل ۾ ڪي صدوقي ۽ ڪي فريسي آھن، تڏھن ھن ڪائونسل کي وڏي آواز سان چيو تہ ”اي ڀائرؤ! آءٌ فريسي ۽ فريسين جو اولاد آھيان. ھتي مون تي ڪيس ھلايو وڃي ٿو، ڇالاءِ⁠جو منھنجو اھو يقين آھي تہ جيڪي مري ويا آھن سي وري جيئرا ٿي اٿندا.“

مڪمل باب پڙهڻ رسولن جا ڪم 23