نئين عهد نامي

رسولن جا ڪم 22:8-21 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

8. تنھن تي مون جواب ڏنو تہ ’اي خداوند! تون ڪير آھين؟‘ ھن مون کي چيو تہ ’آءٌ عيسيٰ ناصري آھيان، جنھن کي تون ستائين ٿو.‘

9. جيڪي ماڻھو مون سان گڏ ھئا تن اھا روشني تہ ڏٺي، پر جنھن مون سان ڳالھايو ٿي، تنھن جو آواز ڪونہ ٻڌائون.

10. مون پڇيو تہ ’اي خداوند! آءٌ ڇا ڪريان؟‘ تنھن تي خداوند مون کي چيو تہ ’اٿي دمشق ۾ وڃ، اتي تو کي اھو سڀ ڪجھہ ٻڌايو ويندو، جيڪو خدا تنھنجي ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيو آھي.‘

11. آءٌ انھيءَ روشنيءَ جي تجليءَ جي ڪري انڌو ٿي پيس، سو منھنجا سنگتي ساٿي مون کي ھٿ کان وٺي دمشق ۾ آيا.

12. اتي حنانياہ نالي ھڪڙو ماڻھو ھو، جيڪو دمشق جي سڀني يھودين ۾ معتبر ۽ شريعت موجب ديندار ھو.

13. ھو مون وٽ آيو ۽ ڀرسان بيھي چيائين تہ ’ادا شائول! ديد وٺ.‘ انھيءَ دم مون کي وري ديد ملي ويئي ۽ مون کيس ڏٺو.

14. پوءِ ھن چيو تہ ’اسان جي ابن ڏاڏن جي خدا تو کي ھن لاءِ مقرر ڪيو آھي تہ تو کي خبر پوي تہ سندس مرضي ڪھڙي آھي ۽ انھيءَ سچار کي ڏسين ۽ کيس ڳالھائيندي ٻڌين.

15. ڇالاءِ⁠جو جيڪي تو ڏٺو ۽ ٻڌو آھي، تنھن بابت تون سڀني ماڻھن جي اڳيان سندس شاھد ٿيندين.

16. ھاڻي دير نہ ڪر. اٿي ۽ سندس نالي دعا گھُري بپتسما وٺ تہ تنھنجا گناھہ ڌوپي وڃن.‘

17. پوءِ آءٌ موٽي يروشلم ۾ آيس ۽ جڏھن ھيڪل ۾ دعا گھري رھيو ھوس تہ مون کي ھڪ رويا ڏسڻ ۾ آئي،

18. جنھن ۾ مون خداوند کي ڏٺو، جيڪو مون کي چئي رھيو ھو تہ ’جلدي ڪر، يروشلم مان نڪري وڃ. ڇالاءِ⁠جو ماڻھو منھنجي بابت تنھنجي شاھدي قبول نہ ڪندا.‘

19. تنھن تي مون وراڻيو تہ ’اي خداوند! خود ھنن کي خبر آھي تہ جيڪي تو تي ايمان آڻيندا ھئا، تن کي آءٌ جتي ڪٿي يھودي عبادت⁠خانن ۾ وڃي پڪڙي جيل ۾ وجھرائيندو ھوس ۽ مار ڏياريندو ھوس.

20. جنھن وقت تنھنجي شھيد استيفنس جو رت ٿي وھايو ويو، تنھن وقت آءٌ بہ اتي بيٺو ھوس ۽ انھيءَ ڳالھہ ۾ راضي ھوس ۽ جن کيس ماريو پئي تن جي ڪپڙن جي مون سنڀال پئي ڪئي.‘

21. پوءِ خداوند مون کي چيو تہ ’ھتان روانو ٿيءُ، ڇالاءِ⁠جو آءٌ تو کي غير قومن ڏانھن پري پري موڪليندس.‘“

مڪمل باب پڙهڻ رسولن جا ڪم 22