نئين عهد نامي

رسولن جا ڪم 22:29-30 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

29. پوءِ جيڪي پولس جو زباني بيان وٺڻ آيا ھئا، سي کيس ھڪدم ڇڏي پري ٿي بيٺا. ڪپتان کي بہ جڏھن اھا خبر پيئي تہ ھو رومي آھي تہ ھو ڏاڍو ڊڄي ويو جو ھن کيس زنجيرن ۾ ٻڌرايو ھو.

30. ڪپتان جي مرضي ھئي تہ ھو ڏسي پڪ ڪري تہ يھودي پولس تي ڪھڙا الزام ھڻن ٿا. سو ھن ٻئي ڏينھن تي پولس جون ھٿڪڙيون لھرايون ۽ حڪم ڏنائين تہ ”سردار ڪاھن ۽ سڄي ڪائونسل گڏ ٿئي.“ پوءِ ھن پولس کي وٺي انھن جي اڳيان آڻي بيھاريو.

مڪمل باب پڙهڻ رسولن جا ڪم 22