نئين عهد نامي

رسولن جا ڪم 22:16-30 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

16. ھاڻي دير نہ ڪر. اٿي ۽ سندس نالي دعا گھُري بپتسما وٺ تہ تنھنجا گناھہ ڌوپي وڃن.‘

17. پوءِ آءٌ موٽي يروشلم ۾ آيس ۽ جڏھن ھيڪل ۾ دعا گھري رھيو ھوس تہ مون کي ھڪ رويا ڏسڻ ۾ آئي،

18. جنھن ۾ مون خداوند کي ڏٺو، جيڪو مون کي چئي رھيو ھو تہ ’جلدي ڪر، يروشلم مان نڪري وڃ. ڇالاءِ⁠جو ماڻھو منھنجي بابت تنھنجي شاھدي قبول نہ ڪندا.‘

19. تنھن تي مون وراڻيو تہ ’اي خداوند! خود ھنن کي خبر آھي تہ جيڪي تو تي ايمان آڻيندا ھئا، تن کي آءٌ جتي ڪٿي يھودي عبادت⁠خانن ۾ وڃي پڪڙي جيل ۾ وجھرائيندو ھوس ۽ مار ڏياريندو ھوس.

20. جنھن وقت تنھنجي شھيد استيفنس جو رت ٿي وھايو ويو، تنھن وقت آءٌ بہ اتي بيٺو ھوس ۽ انھيءَ ڳالھہ ۾ راضي ھوس ۽ جن کيس ماريو پئي تن جي ڪپڙن جي مون سنڀال پئي ڪئي.‘

21. پوءِ خداوند مون کي چيو تہ ’ھتان روانو ٿيءُ، ڇالاءِ⁠جو آءٌ تو کي غير قومن ڏانھن پري پري موڪليندس.‘“

22. ايستائين ھو پولس جي ڳالھہ ٻڌندا رھيا ۽ پوءِ واڪا ڪري چوڻ لڳا تہ ”ھن ماڻھوءَ کي ختم ڪري ڇڏيو، ڇالاءِ⁠جو اھڙو ماڻھو دنيا ۾ رھڻ جي لائق نہ آھي.“

23. جڏھن ھو واڪا ڪرڻ، ڪپڙا اڇلائڻ ۽ ڌوڙ اڏائڻ لڳا،

24. تڏھن ڪپتان پولس بابت حڪم ڏنو تہ ”ھن کي قلعي ۾ وٺي وڃو ۽ چھبڪ ھڻي سندس زباني بيان وٺو تہ مون کي خبر پوي تہ اھي ڇو ھن جي خلاف ايڏيون رڙيون ڪن ٿا.“

25. جڏھن اھي کيس چھبڪن ھڻڻ لاءِ ٻڌي چڪا تہ پولس اتي بيٺل صوبيدار کي چيو تہ ”ڇا اوھان لاءِ اھو جائز آھي جو اوھين ھڪ روميءَ کي چھبڪ ھڻايو، جيتوڻيڪ ھن جو ڪوبہ ڏوھہ نہ آھي؟“

26. جڏھن صوبيدار ھي ٻڌو تہ ھو سڌو ڪپتان وٽ ويو ۽ چيائينس تہ ”اوھين ھي ڇا ڪري رھيا آھيو؟ ھي ماڻھو تہ رومي آھي.“

27. تنھن تي ڪپتان پولس وٽ ويو ۽ چيائينس تہ ”سچ ٻڌاءِ تون رومي آھين ڇا؟“ پولس جواب ڏنو تہ ”ھائو.“

28. تنھن تي ڪپتان چيس تہ ”مون تہ تمام وڏي رقم ڏيئي رومي ٿيڻ جا حق حاصل ڪيا آھن.“ پر پولس چيس تہ ”آءٌ تہ ڄائي ڄم کان رومي آھيان.“

29. پوءِ جيڪي پولس جو زباني بيان وٺڻ آيا ھئا، سي کيس ھڪدم ڇڏي پري ٿي بيٺا. ڪپتان کي بہ جڏھن اھا خبر پيئي تہ ھو رومي آھي تہ ھو ڏاڍو ڊڄي ويو جو ھن کيس زنجيرن ۾ ٻڌرايو ھو.

30. ڪپتان جي مرضي ھئي تہ ھو ڏسي پڪ ڪري تہ يھودي پولس تي ڪھڙا الزام ھڻن ٿا. سو ھن ٻئي ڏينھن تي پولس جون ھٿڪڙيون لھرايون ۽ حڪم ڏنائين تہ ”سردار ڪاھن ۽ سڄي ڪائونسل گڏ ٿئي.“ پوءِ ھن پولس کي وٺي انھن جي اڳيان آڻي بيھاريو.

مڪمل باب پڙهڻ رسولن جا ڪم 22