نئين عهد نامي

رسولن جا ڪم 21:1-12 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

1. انھن کان موڪلائي اسين جھاز ۾ چڙھي سڌا قوس ۾ آياسين ۽ ٻئي ڏينھن تي روڊس ۾ پھتاسين، جتان پوءِ وري پترا ۾ آياسين.

2. اتي اسان ڏٺو تہ ھڪڙو جھاز فينيڪيءَ ڏانھن وڃي رھيو آھي، سو انھيءَ جھاز ۾ چڙھي روانا ٿياسين.

3. پوءِ اھڙي ھنڌ پھتاسين جتان اسين قبرص کي ڏسي سگھون پيا ۽ انھيءَ جي ڏکڻ طرف کان شام ڏانھن ھلڻ لڳاسين. پوءِ صور ۾ پھچي جھاز بندر سان لڳو تہ اسين ھيٺ لٿاسين، ڇالاءِ⁠جو اتي جھاز مان مال لھڻو ھو.

4. اتي اسان کي ڪي شاگرد مليا، جن وٽ اسين ست ڏينھن ٽڪياسين. انھن پاڪ روح جي ھدايت سان پولس کي چيو تہ ”اوھين يروشلم ڏانھن نہ وڃو.“

5. پر جڏھن ست ڏينھن پورا ٿيا ۽ وري سفر ڪرڻ لاءِ اسين اتان نڪري روانا ٿياسين تہ ھو پنھنجن ٻارن ۽ زالن سميت اسان سان گڏجي شھر کان ٻاھر تائين اسان کي ڇڏڻ آيا ۽ اسان سان گڏجي سمنڊ جي ڪناري تي گوڏن ڀر ويھي دعا گھريائون.

6. پوءِ ھڪ ٻئي کان موڪلائي اسين جھاز ۾ چڙھياسون ۽ ھو موٽي پنھنجن گھرن ڏانھن ھليا ويا.

7. اسان پنھنجو سفر جاري رکيو ۽ صور کان پطلميس ۾ پھتاسون، جتي اسان ڀائرن جي خوش خيرعافيت معلوم ڪئي ۽ انھن وٽ ھڪ ڏينھن ٽڪياسون.

8. ٻئي ڏينھن تي اسين اتان روانا ٿي قيصريہ ۾ اچي پھتاسون، جتي اسين فلپس مبشر جي گھر وڃي ٽڪياسين، جيڪو انھن ستن ماڻھن مان ھڪ ھو جن کي يروشلم ۾ چونڊيو ويو ھو.

9. انھيءَ کي چار ڪنواريون ڌيئر ھيون جيڪي اڳڪٿيون ڪنديون ھيون.

10. اتي اسين ڪيترا ئي ڏينھن ٽڪياسون، تان جو يھوديہ مان اگبس نالي ھڪ نبي اچي پھتو.

11. ھن اسان وٽ اچي پولس جو ڪمربند کنيو ۽ پنھنجا ھٿ پير ٻڌي چوڻ لڳو تہ ”پاڪ روح جو چوڻ آھي تہ جنھن جو ھي ڪمربند آھي، تنھن کي يروشلم ۾ يھودي ھھڙي نموني ٻڌي غير قومن جي حوالي ڪندا.“

12. جڏھن اسان اھو ٻڌو تڏھن اسان ۽ اتي جي رھاڪن پولس کي منٿ ڪئي تہ ”مھرباني ڪري اوھين يروشلم ڏانھن نہ وڃو.“

مڪمل باب پڙهڻ رسولن جا ڪم 21