بابن

  1. 1
  2. 2
  3. 3
  4. 4
  5. 5
  6. 6
  7. 7
  8. 8
  9. 9
  10. 10
  11. 11
  12. 12
  13. 13
  14. 14
  15. 15
  16. 16
  17. 17
  18. 18
  19. 19
  20. 20
  21. 21
  22. 22
  23. 23
  24. 24
  25. 25
  26. 26
  27. 27
  28. 28

نئين عهد نامي

رسولن جا ڪم 21 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

پولس جو يروشلم ڏانھن وڃڻ

1. انھن کان موڪلائي اسين جھاز ۾ چڙھي سڌا قوس ۾ آياسين ۽ ٻئي ڏينھن تي روڊس ۾ پھتاسين، جتان پوءِ وري پترا ۾ آياسين.

2. اتي اسان ڏٺو تہ ھڪڙو جھاز فينيڪيءَ ڏانھن وڃي رھيو آھي، سو انھيءَ جھاز ۾ چڙھي روانا ٿياسين.

3. پوءِ اھڙي ھنڌ پھتاسين جتان اسين قبرص کي ڏسي سگھون پيا ۽ انھيءَ جي ڏکڻ طرف کان شام ڏانھن ھلڻ لڳاسين. پوءِ صور ۾ پھچي جھاز بندر سان لڳو تہ اسين ھيٺ لٿاسين، ڇالاءِ⁠جو اتي جھاز مان مال لھڻو ھو.

4. اتي اسان کي ڪي شاگرد مليا، جن وٽ اسين ست ڏينھن ٽڪياسين. انھن پاڪ روح جي ھدايت سان پولس کي چيو تہ ”اوھين يروشلم ڏانھن نہ وڃو.“

5. پر جڏھن ست ڏينھن پورا ٿيا ۽ وري سفر ڪرڻ لاءِ اسين اتان نڪري روانا ٿياسين تہ ھو پنھنجن ٻارن ۽ زالن سميت اسان سان گڏجي شھر کان ٻاھر تائين اسان کي ڇڏڻ آيا ۽ اسان سان گڏجي سمنڊ جي ڪناري تي گوڏن ڀر ويھي دعا گھريائون.

6. پوءِ ھڪ ٻئي کان موڪلائي اسين جھاز ۾ چڙھياسون ۽ ھو موٽي پنھنجن گھرن ڏانھن ھليا ويا.

7. اسان پنھنجو سفر جاري رکيو ۽ صور کان پطلميس ۾ پھتاسون، جتي اسان ڀائرن جي خوش خيرعافيت معلوم ڪئي ۽ انھن وٽ ھڪ ڏينھن ٽڪياسون.

8. ٻئي ڏينھن تي اسين اتان روانا ٿي قيصريہ ۾ اچي پھتاسون، جتي اسين فلپس مبشر جي گھر وڃي ٽڪياسين، جيڪو انھن ستن ماڻھن مان ھڪ ھو جن کي يروشلم ۾ چونڊيو ويو ھو.

9. انھيءَ کي چار ڪنواريون ڌيئر ھيون جيڪي اڳڪٿيون ڪنديون ھيون.

10. اتي اسين ڪيترا ئي ڏينھن ٽڪياسون، تان جو يھوديہ مان اگبس نالي ھڪ نبي اچي پھتو.

11. ھن اسان وٽ اچي پولس جو ڪمربند کنيو ۽ پنھنجا ھٿ پير ٻڌي چوڻ لڳو تہ ”پاڪ روح جو چوڻ آھي تہ جنھن جو ھي ڪمربند آھي، تنھن کي يروشلم ۾ يھودي ھھڙي نموني ٻڌي غير قومن جي حوالي ڪندا.“

12. جڏھن اسان اھو ٻڌو تڏھن اسان ۽ اتي جي رھاڪن پولس کي منٿ ڪئي تہ ”مھرباني ڪري اوھين يروشلم ڏانھن نہ وڃو.“

13. پر ھن جواب ڏنو تہ ”اوھين ھي ڇا ٿا ڪريو جو روئي رڙي منھنجي دل ٿا ڀڃو؟ آءٌ يروشلم ۾ نہ رڳو خداوند عيسيٰ جي واسطي ٻڌجڻ لاءِ، بلڪ اتي مرڻ لاءِ بہ تيار آھيان.“

14. جڏھن اسين کيس مڃائي نہ سگھياسين، تڏھن اسان ايترو چئي بس ڪئي تہ ”جيڪا خداوند جي مرضي.“

15. انھن ڏينھن کان پوءِ اسين پنھنجو سامان سڙو ٻڌي يروشلم ڏانھن وياسون.

16. قيصريہ شھر جا ڪي شاگرد بہ اسان سان گڏ ھليا. انھن اسان کي مناسون نالي ھڪڙي شخص جي گھر آندو، جنھن وٽ اسان کي رھڻو ھو. ھو قبرص جو رھاڪو ۽ ھڪ جھونو شاگرد ھو.

پولس جو يعقوب سان ملڻ

17. جڏھن اسين يروشلم ۾ پھتاسون تہ اتي ڀائرن اسان جو خوشيءَ سان آڌرڀاءُ ڪيو.

18. ٻئي ڏينھن تي پولس اسان سان گڏجي يعقوب سان ملڻ ھليو جتي ڪليسيا جا سڀيئي بزرگ بہ ويٺا ھئا.

19. پولس انھن کي سلام ڪرڻ بعد اھي سڀيئي ڪم ترتيبوار ٻڌايا، جيڪي خدا سندس معرفت غير قومن ۾ ڪيا ھئا.

20. جڏھن ھنن اھو ٻڌو تڏھن خدا جي واکاڻ ڪرڻ لڳا ۽ چيائونس تہ ”ادا! تو کي خبر آھي تہ يھودين منجھان ھزارين ماڻھن ايمان آندو آھي ۽ اھي سڀيئي شريعت تي ڏاڍي جوش ۽ جذبي سان عمل ڪري رھيا آھن.

21. تنھنجي نالي ٻڌو اٿن تہ غير قومن جي علائقن ۾ جيڪي يھودي آھن، تن سڀني کي تون چوين ٿو تہ موسيٰ جي شريعت تي عمل نہ ڪن، ٻارن جو طھر نہ ڪرائين ۽ پنھنجن ريتن رسمن تي نہ ھلن.

22. پوءِ ھاڻي ڇا ڪجي؟ ڇوتہ ھنن کي تنھنجي اچڻ جي ضرور خبر پوندي.

23. تنھنڪري ھاڻي جيئن اسين چئون تيئن ڪر. اسان وٽ اھڙا چار ماڻھو آھن جن باس باسي ھئي.

24. سو ھاڻي تون انھن سان گڏجي وڃي پاڪ ٿيڻ جي رسم ۾ شريڪ ٿيءُ ۽ انھن جو خرچ ڀر تہ ھو پنھنجا مٿا ڪوڙائين. اھڙيءَ طرح سڀيئي ماڻھو ڄاڻي وٺندا تہ جيڪي ڳالھيون تو بابت ٻڌيون اٿن سي سڀ ڪوڙيون آھن، پر تون تہ پاڻ شريعت تي عمل ڪرين ٿو ۽ ان تي پوريءَ طرح ڪاربند آھين.

25. پر غير قومن مان جن ايمان آندو آھي، تن کي اسان فيصلو ڪري لکي موڪليو آھي تہ اوھين اھو کاڌو نہ کائو، جيڪو بتن تي چاڙھيو ويو ھجي ۽ رت يا ان جانور جو گوشت نہ کائو، جنھن کي گھٽي ماريو ويو ھجي ۽ زنا کان پري ڀڄو.“

26. ٻئي ڏينھن تي پولس انھن چئن ماڻھن کي ساڻ وٺي ويو ۽ انھن سان گڏ پاڪ ٿي ھيڪل ۾ آيو ۽ اچي ٻڌايائين تہ ھو پاڪ ٿيڻ جا ھيترا ڏينھن پورا ڪندا. انھيءَ کان پوءِ انھن مان ھر ھڪ لاءِ قرباني پيش ڪئي ويندي.

پولس جو ھيڪل ۾ جھلجڻ

27. پر جڏھن اھي ست ڏينھن پورا ٿيڻ تي ھئا، تڏھن ايشيا پرڳڻي جي ڪن يھودين پولس کي ھيڪل ۾ ڏٺو. سو ھنن سڄي خلق کي ڀڙڪائي اچي کيس پڪڙيو.

28. انھن واڪا ڪري ٿي چيو تہ ”اي بني اسرائيل وارؤ! مدد ڪريو. ھي اھو ماڻھو آھي جيڪو جتي ڪٿي وڃي سڀني ماڻھن کي اسان جي قوم، شريعت ۽ ھن ھيڪل جي خلاف ڀڙڪائي ٿو. ھن ھاڻي ڪن غير قوم وارن کي بہ ھيڪل ۾ آڻي ھن مقدس جاءِ جي بي⁠حرمتي ڪئي آھي.“

29. ھنن اھو انھيءَ ڪري چيو جو اِفسس جي ھڪ شخص تروفيمس کي شھر ۾ پولس سان گڏ ڏٺو ھئائون ۽ سمجھيو ھئائون تہ پولس کيس ھيڪل ۾ وٺي آيو آھي.

30. سو سڄي شھر ۾ گوڙ مچي ويو. ماڻھو ڊوڙي اچي گڏ ٿيندا ويا ۽ پولس کي پڪڙي ھيڪل مان گھلي ٻاھر ڪڍيائونس ۽ پوءِ ھڪدم در بند ٿي ويا.

31. ھو پولس کي مارڻ جي ڪوشش ڪري رھيا ھئا تہ ايتري ۾ پلٽڻ جي ڪپتان کي خبر پئجي ويئي تہ سڄي يروشلم ۾ ھنگامو ٿي پيو آھي.

32. سو جلد ئي ڪپتان ڪجھہ آفيسر ۽ سپاھي ساڻ ڪري گوڙ ڏانھن ڪاھي پيو. جڏھن ماڻھن کيس سپاھين سميت ايندي ڏٺو، تڏھن پولس کي ڌڪن ھڻڻ کان بس ڪيائون.

33. پوءِ ڪپتان ويجھو اچي پولس کي گرفتار ڪيو ۽ حڪم ڏنائين تہ ”کيس ٻن ھٿڪڙين سان ٻڌو وڃي.“ پوءِ ماڻھن کان پڇا ڪرڻ لڳو تہ ”ھي شخص ڪير آھي ۽ ڪھڙو ڏوھہ ڪيو اٿس؟“

34. انھيءَ وقت سڄي ميڙ ۾ رڙيون ھيون، ڪن واڪو ڪري ھڪ ڳالھہ پئي ڪئي تہ ڪن وري ٻي ڳالھہ. ايترو تہ گوڙ ھو جو حقيقت جي خبر ئي ڪانہ ٿي پيئي، تنھنڪري ھن حڪم ڏنو تہ کيس قلعي ۾ بند ڪيو وڃي.

35. جڏھن پولس ڏاڪڻ وٽ پھتو تہ ماڻھن جي ايتري تہ ڌڪ⁠ڌڪان ھئي جو سپاھين کي پولس کڻي وڃڻو پيو.

36. جڏھن تہ ماڻھن جو ميڙ پٺيان واڪا ڪندو پئي آيو تہ ”ماري ڇڏيوس، ماري ڇڏيوس.“

پولس جو پنھنجي بچاءَ لاءِ بيان

37. جڏھن ھو کيس قلعي ۾ بند ڪرڻ وارا ھئا تہ پولس ڪپتان کان پڇيو تہ ”ڇا آءٌ ڪجھہ چئي سگھان ٿو؟“ تنھن تي ھن چيس تہ ”تو کي يوناني ٻولي اچي ٿي ڇا؟

38. تون اھو مصري نہ آھين ڇا جيڪو ڪي ڏينھن اڳ بغاوت ڪري چار ھزار ھٿياربند وٺي جھنگ ڏانھن ھليو ويو ھئين؟“

39. پولس جواب ۾ چيس تہ ”آءٌ يھودي آھيان، ترسس جو ويٺل آھيان، جيڪو ڪلڪيا جي علائقي جو ھڪڙو مشھور شھر آھي. منھنجو عرض آھي تہ مھرباني ڪري مون کي اجازت ڏيو تہ آءٌ ماڻھن سان ڳالھايان.“

40. جڏھن ڪپتان اجازت ڏنس تڏھن پولس ڏاڪڻ تي بيھي ھٿ جي اشاري سان ماڻھن کي خاموش ٿيڻ لاءِ چيو. جڏھن ماٺ ٿي ويئي تڏھن عبراني ٻوليءَ ۾ ھيئن چوڻ شروع ڪيائين تہ