نئين عهد نامي

رسولن جا ڪم 20:24-37 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

24. پر مون کي پنھنجي جان جي ڳڻتي نہ آھي ۽ نڪي اھا منھنجي لاءِ ڪا قيمت رکي ٿي. مون کي رڳو اھو فڪر آھي تہ آءٌ پنھنجو دور پورو ڪريان ۽ جيڪا خدمت خداوند عيسيٰ کان مون کي ڪرڻ لاءِ ملي آھي سا پوري ڪريان، يعني خدا جي فضل جي خوشخبري ٻڌائيندو رھان.

25. ھاڻي مون کي پڪ آھي تہ اوھين سڀ جن ۾ مون خدا جي بادشاھت جي تبليغ ڪئي آھي، تن مان ڪوبہ وري منھنجو منھن ڪين ڏسندو.

26. تنھنڪري اڄوڪي ڏينھن قسم سان چوان ٿو تہ آءٌ اوھان مان ڪنھن جي بہ گمراھيءَ جو ذميوار نہ آھيان،

27. ڇالاءِ⁠جو مون خدا جو مقصد پوريءَ طرح اوھان کي ٻڌايو آھي ۽ ذري جي بہ ڪسر نہ ڇڏي اٿم.

28. اوھين پاڻ سان گڏ انھيءَ سڄي ڌڻ جي سنڀال ڪجو، جنھن لاءِ پاڪ روح اوھان کي ڌنار مقرر ڪيو آھي. سو خدا جي انھيءَ ڪليسيا کي سنڀاليندا رھجو، جيڪا ھن پنھنجي فرزند جي رت سان خريد ڪئي.

29. آءٌ ڄاڻان ٿو تہ منھنجي وڃڻ کان پوءِ وحشي بگھڙ اوھان ۾ اچي پوندا ۽ ڌڻ تي ڪوبہ قياس نہ ڪندا.

30. خود اوھان منجھان ئي ڪي اھڙا ماڻھو نڪرندا جيڪي ايمان وارن کي برغلائڻ لاءِ ابتيون سبتيون ڳالھيون ٻڌائيندا.

31. تنھنڪري اوھين سجاڳ رھجو ۽ ياد رکجو تہ پورا ٽي سال مون رات ڏينھن ڳوڙھا ڳاڙي ھر ھڪ کي سمجھايو آھي.

32. ھاڻي آءٌ اوھان کي خدا ۽ سندس انھيءَ فضل واري ڪلام جي حوالي ٿو ڪريان، جنھن کي قدرت آھي تہ اوھان کي قائم ڪري ۽ اوھان سان گڏ خدا جي سڀني چونڊيلن کي برڪتون عطا ڪري.

33. مون ڪنھن ۾ بہ سون، چانديءَ يا ڪپڙي جي لالچ نہ رکي.

34. اوھين پاڻ ڄاڻو ٿا تہ مون پنھنجن ھٿن سان پورھيو ڪري پنھنجون ۽ پنھنجن سنگتين جون گھرجون پوريون ڪيون آھن.

35. سڀني ڳالھين بابت مون خود عمل ڪري پاڻ کي نمونو بڻائي اوھان کي سمجھايو آھي تہ ڪيئن محنت ڪري ڪمزورن جي مدد ڪرڻ گھرجي ۽ خداوند عيسيٰ جو ڪلام ياد رکڻ گھرجي، جنھن پاڻ فرمايو آھي تہ ’وٺڻ کان ڏيڻ ۾ وڌيڪ خوشي آھي.‘“

36. جڏھن ھن ايترو چئي بس ڪئي، تڏھن سڀني سان گڏ گوڏا کوڙي دعا گھريائين.

37. ھو سڀيئي ززاروزار رنا ۽ پولس کي ڀاڪر پائي چميائون.

مڪمل باب پڙهڻ رسولن جا ڪم 20