نئين عهد نامي

رسولن جا ڪم 20:1-3 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

1. ھنگامي ختم ٿيڻ کان پوءِ پولس سڀني شاگردن کي گڏ ڪيو ۽ کين نصيحت ڪرڻ کان پوءِ کانئن موڪلايائين. پوءِ ھو اتان روانو ٿي مڪدونيا ڏانھن ھليو ويو.

2. ھو انھن سڀني علائقن مان ٿيندو ۽ ماڻھن کي نصيحتون ڪندو يونان ڏانھن ھليو ويو.

3. اتي ھو ٽي مھينا ترسيو. پوءِ ھو شام ڏانھن سامونڊي جھاز جي رستي وڃڻ لاءِ تيار ھو تہ کيس خبر پئجي ويئي تہ ڪي يھودي سندس خلاف سازش سٽي رھيا آھن. سو ھن مڪدونيا مان ٿي موٽي وڃڻ جو فيصلو ڪيو.

مڪمل باب پڙهڻ رسولن جا ڪم 20