نئين عهد نامي

رسولن جا ڪم 19:5-18 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

5. جڏھن انھن اھا ڳالھہ ٻڌي تڏھن خداوند عيسيٰ جي نالي تي بپتسما ورتائون.

6. پوءِ پولس پنھنجا ھٿ انھن جي مٿان رکيا تہ پاڪ روح مٿن نازل ٿيو ۽ ھو جدا جدا ٻوليون ڳالھائڻ ۽ خدا جو ڪلام ٻڌائڻ لڳا.

7. اھي سڀيئي اٽڪل ٻارھن ڄڻا ھئا.

8. پولس ٽن مھينن تائين يھودي عبادت⁠خاني ۾ ويندو رھيو ۽ انھن ماڻھن سان بي⁠ڊپو ٿي مضبوط دليلن سان خدا جي بادشاھت بابت بحث ڪندو ۽ کين مڃائيندو رھيو.

9. پر جڏھن ڪن ضدي ماڻھن ايمان نہ آندو ۽ خداوند جي انھيءَ طريقي خلاف ڪفر بڪڻ لڳا، تڏھن پولس انھن کي ڇڏي ڏنو ۽ شاگردن کي ساڻ ڪري ترونس جي مدرسي ڏانھن ويو جتي روزانو بحث ڪندو ھو.

10. اھو سلسلو ٻن سالن تائين ھليو ۽ جيڪي ايشيا پرڳڻي جي علائقي جا يھودي ۽ غير قوم وارا ھئا تن سڀني خداوند جو ڪلام پئي ٻڌو.

11. خدا پولس جي ھٿان غير معمولي معجزا ڏيکاريندو ھو.

12. ايتري⁠قدر جو جيڪي رومال ۽ پھراڻ پولس ڍڪيندو ھو، سي کڻي جيڪڏھن بيمارن کي لائيندا ھئا تہ انھن کي بيماري ڇڏي ويندي ھئي ۽ ڀوتن ورتل ماڻھن مان ڀوت نڪري ويندا ھئا.

13. تڏھن ڪي رولو يھودي جيڪي ڀوپا ھئا سي بہ خداوند عيسيٰ جي نالي تي ماڻھن مان ڀوت ڪڍڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳا. اھي ڀوتن کي ڪڍڻ وقت ھيئن چوندا ھئا تہ ”آءٌ تو کي عيسيٰ جو واسطو ٿو ڏيان، جنھن جي پولس تبليغ ڪري رھيو آھي.“

14. ھڪڙي يھودي سردار ڪاھن سڪيوا جي ستن پٽن بہ ائين پئي ڪيو.

15. تنھن تي ڀوت وراڻين تہ ”عيسيٰ کي تہ آءٌ ڄاڻان ٿو ۽ پولس کي بہ سڃاڻان ٿو، پر اوھين ڪير آھيو؟“

16. پوءِ جنھن شخص ۾ ڀوت ھو، تنھن ٽپو ڏيئي وڃي سوگھو ڪين ۽ اھڙو سوگھو ڪيائين جو ھو سڀيئي ڪپڙا ڦاڙائي ۽ ڌڪ کائي انھيءَ گھر مان وٺي ڀڳا.

17. يھودي ۽ غير قوم وارا جيڪي اِفسس ۾ رھندا ھئا، تن سڀني کي جڏھن ھيءَ خبر پيئي تہ ڊپ وٺي وين ۽ خداوند عيسيٰ جي نالي کي وڏي عزت ۽ آبرو ڏيڻ لڳا.

18. جن ايمان آندو ھو تن مان ڪيترن ئي کُلي⁠عام پنھنجا ڪيل بڇڙا ڪم باسيا.

مڪمل باب پڙهڻ رسولن جا ڪم 19