نئين عهد نامي

رسولن جا ڪم 19:1-8 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

1. اپلوس اڃا ڪرنٿس ۾ ئي ھو تہ پولس مٿين علائقن مان ٿيندو اِفسس ۾ اچي پھتو ۽ اتي ڪن شاگردن سان مليو.

2. انھن کان پڇيائين تہ ”جڏھن اوھان ايمان آندو ھو تہ اوھان کي پاڪ روح مليو ھو يا نہ؟“ انھن جواب ڏنو تہ ”اسان اڃا تائين پاڪ روح بابت نہ ٻڌو آھي.“

3. پولس پڇين تہ ”پوءِ اوھان ڪھڙي بپتسما ورتي؟“ انھن جواب ڏنو تہ ”يحيٰ واري بپتسما.“

4. تنھن تي پولس چيو تہ ”يحيٰ انھن کي بپتسما ڏيندو ھو جن توبھہ ڪئي ھئي ۽ ھو ماڻھن کي چوندو ھو تہ ’جيڪو مون کان پوءِ ايندو ان تي ايمان آڻجو،‘ يعني عيسيٰ تي.“

5. جڏھن انھن اھا ڳالھہ ٻڌي تڏھن خداوند عيسيٰ جي نالي تي بپتسما ورتائون.

6. پوءِ پولس پنھنجا ھٿ انھن جي مٿان رکيا تہ پاڪ روح مٿن نازل ٿيو ۽ ھو جدا جدا ٻوليون ڳالھائڻ ۽ خدا جو ڪلام ٻڌائڻ لڳا.

7. اھي سڀيئي اٽڪل ٻارھن ڄڻا ھئا.

8. پولس ٽن مھينن تائين يھودي عبادت⁠خاني ۾ ويندو رھيو ۽ انھن ماڻھن سان بي⁠ڊپو ٿي مضبوط دليلن سان خدا جي بادشاھت بابت بحث ڪندو ۽ کين مڃائيندو رھيو.

مڪمل باب پڙهڻ رسولن جا ڪم 19