نئين عهد نامي

رسولن جا ڪم 17:15-32 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

15. جيڪي ماڻھو پولس سان گڏجي ويا ھئا، سي ساڻس اٿينس تائين ھليا. پوءِ ھو بيريا ڏانھن پولس جي ھن ھدايت سان موٽيا تہ جيترو جلد ٿي سگھي سيلاس ۽ تيمٿيس، پولس سان ملن.

16. جڏھن پولس اٿينس ۾ سيلاس ۽ تيمٿيس جو انتظار ڪري رھيو ھو، تڏھن ھن کي اھو ڏسي ڏاڍو ڏک ٿيو تہ سڄو شھر بتن سان ڀريو پيو آھي.

17. تنھنڪري ھو يھودي عبادت⁠خاني ۾ يھودين ۽ خداترس ماڻھن سان ۽ روزانو بازار ۾ جيڪي گڏبا ھئس، تن سان بحث پيو ڪندو ھو.

18. اتي ڪي اِپڪور ۽ ستوئيڪ فلسفي جا عالم بہ ساڻس مقابلو ڪرڻ لڳا. ڪن چيو تہ ”ھي واتوڙي ماڻھو ڇا ٿو چوي؟“ ٻين وري چيو تہ ”ھيءُ ڌارين ديوتائن جي خبر ڏيڻ وارو ٿو ڏسجي.“ ڇالاءِ⁠جو پولس عيسيٰ ۽ قيامت جي منادي ڪري رھيو ھو.

19. پوءِ ھو کيس اريوپگس نالي ھڪڙي جاءِ تي شھر جي ڪائونسل وٽ وٺي آيا ۽ پڇيائونس تہ ”ٻڌاءِ تہ ھي ڪھڙي نئين تعليم آھي جيڪا تون ڏيئي رھيو آھين؟

20. ڇاڪاڻ⁠تہ تون ڪي اھڙيون ڳالھيون ٿو ڪرين جي اسان کي عجيب ٿيون لڳن، سو اسان جي مرضي آھي تہ ٻڌون تہ انھن جو مطلب ڇا آھي.“

21. انھن ڏينھن ۾ اٿينس جا سڀ ديسي توڙي پرديسي جيڪي اتي رھندا ھئا، سي پنھنجو سارو وقت نيون نيون ڳالھيون ٻڌڻ ۽ ٻڌائڻ ۾ گذاريندا ھئا.

22. تڏھن پولس ڪائونسل جي اڳيان اٿي بيٺو ۽ چوڻ لڳو تہ ”اي اٿينس جا رھاڪو! آءٌ ڏسان ٿو تہ اوھين سڀني ڳالھين ۾ مذھبي دلچسپي ٿا رکو،

23. ڇالاءِ⁠جو مون گھمندي گھمندي اوھان جي عبادت وارين شين تي غور ڪري ڏٺو آھي. ھڪڙي قربان⁠گاھہ ڏٺم جنھن تي لکيل ھو تہ ’نامعلوم خدا جي لاءِ.‘ سو اوھين ڄاڻڻ سڃاڻڻ کان سواءِ جنھن جي عبادت ٿا ڪريو، تنھن جي ئي آءٌ اوھان کي خبر ٿو ڏيان.

24. جنھن خدا سارو جھان ۽ جيڪي شيون منجھس آھن، سي سڀيئي پيدا ڪيون آھن، سو آسمان ۽ زمين جو مالڪ ھوندي ھٿن جي ٺھيل مندرن ۾ نہ ٿو رھي.

25. ھو ڪنھن بہ شيءِ جو محتاج نہ آھي ۽ نڪي ھو ڪنھن کان خدمت ڪرائڻ گھري ٿو، ڇالاءِ⁠جو ھن پاڻ ئي تہ سڀني کي حياتي، ساھہ ۽ ٻيو سڀ ڪجھہ ڏنو آھي.

26. ھن ھڪڙي انسان مان سڀ قومون پيدا ڪيون آھن، تہ جيئن اھي سڄيءَ دنيا ۾ آباد ٿين. ھن انھن لاءِ اڳ ۾ ئي خاص وقت ۽ رھڻ لاءِ حدون مقرر ڪيون آھن،

27. انھيءَ لاءِ تہ ھو اميد رکي خدا جي ڳولا ڪن ۽ من ھن ڏانھن ڦري کيس ڳولي لھن. ڇالاءِ⁠جو ھو اسان مان ڪنھن کان بہ پري نہ آھي

28. ۽ اسين منجھس ئي جيئون ۽ ھلون چلون ٿا ۽ اسان جي ھستي بہ انھيءَ جي ڪري آھي. جيئن تہ اوھان جي ڪن شاعرن بہ ائين چيو آھي تہ ’اسين بہ خدا جو اولاد آھيون.‘

29. جيئن تہ اسين خدا جو اولاد آھيون، تنھنڪري اسان کي ائين نہ سمجھڻ گھرجي تہ ھن جي ذات ڪنھن سون، چانديءَ يا پٿر جي بت وانگر آھي، جيڪو انساني ھنر ۽ ڪاريگريءَ سان ٺاھيو ويو ھجي.

30. سو جن وقتن ۾ ماڻھو بي⁠خبر ھئا، تن وقتن ۾ خدا بہ چشم⁠پوشي ڪئي. پر ھن زماني ۾ خدا سڀني ماڻھن کي حڪم ٿو ڏئي تہ ھو جتي بہ ھجن اتي توبھہ ڪن.

31. ڇالاءِ⁠جو ھن ھڪ ڏينھن مقرر ڪري ڇڏيو آھي، جنھن تي ھو سڄي جھان جو عدل ۽ انصاف انھيءَ ماڻھوءَ جي ھٿان ڪندو جنھن کي ھن اڳ ۾ ئي چونڊي ڇڏيو آھي. انھيءَ لاءِ ھن کيس مئلن مان وري جيئرو ڪري ھر ڪنھن تي اھا ڳالھہ ثابت ڪري ڇڏي آھي.“

32. جڏھن انھن پولس جي واتان مئلن مان وري جيئرو ٿيڻ جو ٻڌو تہ ڪي مٿس ٺٺوليون ڪرڻ لڳا. پر ڪن چيو تہ ”اسين پوءِ بہ اوھان کان ھن بابت ڪجھہ وڌيڪ ٻڌنداسين.“

مڪمل باب پڙهڻ رسولن جا ڪم 17