نئين عهد نامي

رسولن جا ڪم 16:5-12 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

5. سو ڪليسيائون روزبروز ايمان ۾ مضبوط ٿينديون ۽ تعداد ۾ وڌنديون ويون.

6. ھو فروگيا ۽ گلتيا جي علائقن مان لنگھي ويا، ڇالاءِ⁠جو پاڪ روح ھنن کي ايشيا پرڳڻي ۾ ڪلام جي تبليغ ڪرڻ کان منع ڪئي ھئي.

7. جڏھن موسيا جي سامھون آيا تڏھن ڪوشش ڪيائون تہ بٿونيا ۾ وڃون، پر عيسيٰ جي روح کين وڃڻ نہ ڏنو.

8. تنھنڪري اھي موسيا جي پاسي کان لنگھي تروآس ۾ آيا.

9. اتي رات جو پولس ھڪڙي رويا ڏٺي تہ مڪدونيا جو ھڪڙو ماڻھو بيھي منٿ ڪري چوي پيو تہ ”سائين! مڪدونيا ۾ اچي اسان جي مدد ڪريو.“

10. پولس جي رويا ڏسڻ شرط اسان ھڪدم مڪدونيا ڏانھن وڃڻ جي تياري ڪئي، ڇالاءِ⁠جو اسان سمجھيو تہ خدا ھنن کي خوشخبري ٻڌائڻ لاءِ اسان کي گھرايو آھي.

11. تروآس مان سامونڊي جھاز تي چڙھي اسين سڌا سموتراڪيءَ ۾ آياسين ۽ ٻئي ڏينھن نياپلس ۾ پھتاسون.

12. اتي جھاز مان لھي وري فلپيءَ ۾ آياسين جو مڪدونيا ۾ آھي ۽ انھيءَ علائقي جو مکيہ شھر آھي. اھو شھر رومي بيٺڪ بہ آھي. اسين اتي ڪي ڏينھن ترسي پياسين.

مڪمل باب پڙهڻ رسولن جا ڪم 16