نئين عهد نامي

رسولن جا ڪم 16:2-11 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

2. لسترا ۽ اِڪونيم جا ڀائر تيمٿيس جي ساراھہ ڪندا ھئا.

3. پولس جي مرضي ھئي تہ تيمٿيس کي بہ پاڻ سان گڏ وٺي ھلي، تنھنڪري ھن سندس طھر ڪرايو. ھن اھو انھيءَ ڪري ڪيو جو اتي جي رھندڙ سڀني يھودين کي خبر ھئي تہ تيمٿيس جو پيءُ يوناني ھو.

4. ھو جن جن شھرن مان لنگھندا ويا، تن ۾ اھي حڪم ٻڌائيندا ۽ انھن تي عمل ڪرڻ جو تاڪيد ڪندا ويا، جيڪي يروشلم ۾ رسولن ۽ بزرگن ڏنا ھئا.

5. سو ڪليسيائون روزبروز ايمان ۾ مضبوط ٿينديون ۽ تعداد ۾ وڌنديون ويون.

6. ھو فروگيا ۽ گلتيا جي علائقن مان لنگھي ويا، ڇالاءِ⁠جو پاڪ روح ھنن کي ايشيا پرڳڻي ۾ ڪلام جي تبليغ ڪرڻ کان منع ڪئي ھئي.

7. جڏھن موسيا جي سامھون آيا تڏھن ڪوشش ڪيائون تہ بٿونيا ۾ وڃون، پر عيسيٰ جي روح کين وڃڻ نہ ڏنو.

8. تنھنڪري اھي موسيا جي پاسي کان لنگھي تروآس ۾ آيا.

9. اتي رات جو پولس ھڪڙي رويا ڏٺي تہ مڪدونيا جو ھڪڙو ماڻھو بيھي منٿ ڪري چوي پيو تہ ”سائين! مڪدونيا ۾ اچي اسان جي مدد ڪريو.“

10. پولس جي رويا ڏسڻ شرط اسان ھڪدم مڪدونيا ڏانھن وڃڻ جي تياري ڪئي، ڇالاءِ⁠جو اسان سمجھيو تہ خدا ھنن کي خوشخبري ٻڌائڻ لاءِ اسان کي گھرايو آھي.

11. تروآس مان سامونڊي جھاز تي چڙھي اسين سڌا سموتراڪيءَ ۾ آياسين ۽ ٻئي ڏينھن نياپلس ۾ پھتاسون.

مڪمل باب پڙهڻ رسولن جا ڪم 16