نئين عهد نامي

رسولن جا ڪم 16:18-32 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

18. ڪيترن ئي ڏينھن تائين ڇوڪريءَ ائين پئي ڪيو. آخرڪار پولس کي ايڏو تہ رنج ٿيو جو ھن ڦري ڀوت کي چيو تہ ”آءٌ تو کي عيسيٰ مسيح جي نالي حڪم ٿو ڏيان تہ ھن ڇوڪريءَ مان نڪري وڃ.“ ڀوت انھيءَ ئي مھل ڇوڪريءَ کي ڇڏي ھليو ويو.

19. پر جڏھن ڇوڪريءَ جي مالڪن ڏٺو تہ سندن ڪمائيءَ جو ذريعو ختم ٿي ويو، تڏھن ھنن پولس ۽ سيلاس کي پڪڙي ورتو ۽ کين رومي عملدارن وٽ پيش ڪرڻ لاءِ شھر جي چونڪ تي گھلي وٺي ويا.

20. کين عملدارن وٽ آڻي مٿن شاھدي ڏنائون تہ ”سائين! ھي ماڻھو جيڪي يھودي آھن، تن اسان جي شھر ۾ کڻي گوڙ مچايو آھي،

21. ۽ اھڙيون رسمون ڪڍيون اٿن جي اسان رومين کي قبول ڪرڻ ۽ انھن تي ھلڻ جائز نہ آھي.“

22. تنھن تي خلق اچي گڏ ٿي ۽ انھن شاھدن جي پٺڀرائي ڪرڻ لڳي. عملدارن حڪم ڏنو تہ ”ھنن جا ڪپڙا ڦاڙي لاھيو ۽ کين جسم تي چھبڪ ھڻو.“

23. گھڻي مار کان پوءِ کين جيل ۾ وڌائون ۽ جيلر کي تاڪيد ڪري حڪم ڏنائون تہ کين سخت پھري ھيٺ رکيو وڃي.

24. جيلر حڪم ملڻ تي انھن کي اندرين باريڪ ۾ بند ڪيو ۽ سندن ٽنگون ڪاٺ سان ٻڌي قابو ڪيائين.

25. رات جو پولس ۽ سيلاس دعائون گھرندا ۽ خدا جي واکاڻ جا گيت ڳائيندا ٿي رھيا ۽ جيل جا قيدي پڻ ٻڌندا ٿي رھيا، تڏھن اڌ رات ڌاري

26. اوچتو ھڪڙو وڏو زلزلو آيو، جنھن جيل جون ڀتيون پيڙھہ تائين لوڏي ڇڏيون. ھڪدم سڀ دروازا کلي پيا ۽ سڀني قيدين جون ٻيڙيون ڪري پيون.

27. تنھن تي جيلر جاڳي پيو ۽ ڏٺائين تہ جيل جا سڀ دروازا کليا پيا آھن، سو سمجھيائين تہ پڪ سڀ قيدي ڀڄي ويا آھن. تنھنڪري تلوار ڪڍي پاڻ کي مارڻ تي ھو،

28. تہ پولس وڏي واڪي رڙ ڪري چيس تہ ”پاڻ کي مار نہ، اسين سڀ ھتي آھيون.“

29. جيلر بتي گھرائي اندر ڪاھي پيو ۽ ڏڪندي ڏڪندي پولس ۽ سيلاس جي پيرن تي ڪري پيو.

30. پوءِ ھن کين ٻاھر ڪڍيو ۽ عرض ڪري چوڻ لڳو تہ ”سائين! آءٌ ڇا ڪريان جو ڇوٽڪارو ملي؟“

31. تنھن تي ھنن وراڻيس تہ ”خداوند عيسيٰ تي ايمان آڻ تہ تو کي ۽ تنھنجي ڪٽنب کي ڇوٽڪارو ملندو.“

32. پوءِ انھن ھن کي ۽ سندس گھر جي سڀني ڀاتين کي خداوند جو ڪلام ٻڌايو.

مڪمل باب پڙهڻ رسولن جا ڪم 16