نئين عهد نامي

رسولن جا ڪم 15:24-41 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

24. اسان ٻڌو آھي تہ ڪي ماڻھو جن کي اسان ڪوبہ اختيار نہ ڏنو آھي، تن اسان وٽان وڃي اوھان کي ڪي ڳالھيون ٻڌائي تڪليف ڏني آھي ۽ اوھان کي منجھائي وڌو اٿن.

25. تنھنڪري اسان پاڻ ۾ صلاح ڪري مناسب سمجھيو تہ ڪي ماڻھو چونڊي پنھنجن پيارن برنباس ۽ پولس سان گڏ اوھان ڏانھن موڪليون.

26. اھي ٻئي ماڻھو اھڙا آھن جن پنھنجي جان اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي نالي تي جوکي ۾ وڌي آھي.

27. سو اسين يھوداہ ۽ سيلاس کي ساڻن گڏ موڪليون ٿا. ھو پاڻ اوھان کي اھي ڳالھيون سمجھائيندا، جيڪي اسين لکي رھيا آھيون.

28. پاڪ روح ۽ اسان ضروري سمجھيو تہ ھنن خاص حڪمن کان سواءِ اوھان تي ڪو ٻيو بار نہ وجھون.

29. جھڙوڪ: اھو کاڌو نہ کائو جيڪو بتن تي چاڙھيو ويو ھجي، رت ۽ انھيءَ جانور جو گوشت نہ کائو جنھن کي گھٽي ماريو ويو ھجي ۽ زنا کان پري ڀڄو. جيڪڏھن اوھين انھن ڳالھين کان پاسو ڪندا تہ اھا اوھان لاءِ چڱي ڳالھہ آھي. شال سدائين سلامت رھو.“

30. سو اھي روانا ٿيا ۽ انتاخيا ۾ اچي پھتا، جتي ايمان وارن کي گڏ ڪري کين اھو خط ڏنائون.

31. جڏھن انھن اھو خط پڙھيو تہ دل کي تسلي ٿين ۽ خوش ٿيا.

32. يھوداہ ۽ سيلاس، جيڪي پاڻ نبي ھئا تن گھڻو وقت تقريرون ڪري ڀائرن کي تسلي ڏني ۽ سندن ھمت ٻڌائي.

35. پوءِ پولس ۽ برنباس انتاخيا ۾ ترسي پيا ۽ اتي ٻين ڀائرن سان گڏ خداوند جو ڪلام سيکاريندا ۽ ان جي تبليغ ڪندا رھيا.

36. ڪجھہ وقت کان پوءِ پولس برنباس کي چيو تہ ”ھل تہ ھر ھڪ شھر ۾ انھن ڀائرن وٽ ھلون، جن کي اسان خداوند جو ڪلام ٻڌايو آھي ۽ ڏسون تہ انھن جو ڪھڙو حال آھي.“

37. برنباس جي مرضي ھئي تہ يوحنا عرف مرقس کي بہ پاڻ سان گڏ وٺي ھلون.

38. پر پولس مناسب نہ سمجھيو تہ ھن کي بہ ساڻ کڻجي، ڇاڪاڻ⁠تہ ھو پمفوليا ۾ ھنن کي ڇڏي موٽي ويو ھو ۽ ساڻن تبليغ جي ڪم ۾ گڏ نہ رھيو ھو.

39. انھيءَ ڳالھہ تي برنباس ۽ پولس جي وچ ۾ ايترو تہ اختلاف ٿي پيو جو ھو ھڪٻئي کان ڌار ٿي ويا. برنباس مرقس کي وٺي سامونڊي جھاز ۾ چڙھي قبرص ڏانھن روانو ٿي ويو.

40. پر پولس سيلاس کي چونڊي پاڻ سان کنيو ۽ ڀائرن کين خدا جي فضل جي حوالي ڪري روانو ڪيو.

41. پولس شام ۽ ڪلڪيا مان ٿيندو، اتي جي ڪليسيائن کي ھمتائيندو ويو.

مڪمل باب پڙهڻ رسولن جا ڪم 15